Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

گھرجي۔اسان جا پيارا آقا، مٺا مٺا مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خصُوصاً رَمَضان شريف ۾ عبادت جو خُوب اهتِمام ڪندا هئا۔ جيئن ته رَمَضان جي مهيني ۾ ئي شبِ قدر کي به پوشيده رکيو ويو آهي، ان ڪري ان مُبارَڪ رات کي ڳولهڻ جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيرو سڄي مُبارَڪ مهيني جو اعتِڪاف ڪيو۔ ۽ هونئن به مسجِد ۾ رهڻ نهايت وڏي سَعادَت آهي ۽ مُعتَڪف جي ته ڇا ڳالھ آهي جو رِضاءِ الهٰي عَزَّوَجَلَّ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي سڀني مصروفيتن کان فارِغ ڪري مسجِد ۾ ويهي رهندو آهي ۔فتاويٰ عالمگيري ۾ آهي ،''اعتِڪاف جون خوبيون بلڪل ئي ظاهر آهن، ڇوته هن ۾ ٻانهو الله عَزَّوَجَلَّ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪمَّل طور تي پنهنجي پاڻ کي الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۾ مصروف ڪندو آهي ۽ دُنيا جي ان تمام مصروفيتن کان جدا ٿي ويندو آهي جيڪي الله عَزَّوَجَلَّ جي قُرب جي راھ ۾ حائل ٿينديون آهن ۽ مُعتَڪِف جو سمورو وقت حَقيقةً يا حُڪماً نَماز ۾ گذرندو آهي۔ (ڇوته نَماز جو انتِظار ڪرڻ به نماز جيان ثواب رکي ٿو) ۽ اعتِڪاف جو اَصل مقصد جماعت سان نَماز جو انتِظار ڪرڻ آهي ۽ مُعتَڪف ان (ملائڪن) کان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي الله  عَزَّوَجَلَّ جي حڪم جي نافرماني نه ڪندا آهن ۽ جيڪو انهن کي حُڪم ملندو آهي ان کي ادا ڪندا آهن ۽ انهن سان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي ڏينهن رات الله عَزَّوَجَلَّ جي تسبيح (پاڪي) بيان ڪندا رَهندا آهن ۽ ان کان بيزار ناهن ٿيندا۔ (فتاوي عالمگيري ج۱ ص۲۱۲)

مجلس تربيتي اعتڪاف !

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اِعتڪاف دَوران نيڪيون ڪرڻ جا ڪيتري قدر مَوقعا ملندا آهن۔ اسان کي به هر سال نه سهي گھٽ ۾گھٽ زندَگي ۾ هڪ ڀيرو هن اَداءِ مصطَفٰي کي اَدا ڪندي سڄي رَمَضانُ