Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

اعتڪاف جي ترغيب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! گُناهن کان بچڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ، هر مهيني ٽن 3 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر، مدني انعامات تي عمل ۽ دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي رمضان يا آخري عشري جي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ به آهي۔ عاشقانِ رمضان جي لاءِ خوشخبري ته اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ رَمَضانُ المُبارَڪ جي آمد آمد آهي ۽ هن مُبارَڪ مهيني جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! هن مهيني ۾ عبادت، تلاوت ۽ ذِڪر و دُرُود جي ڪثرت جي ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ گھڻيون نيڪيون لکائڻ جا موقعا وڌي ويندا آهن۔ اسان کي به گھرجي ته گُناهن کان پاڻ کي بچائڻ ۽ ڏينهن رات نيڪين ۾ گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي تحت سڄي رمضان جي مهيني جي اِعتڪاف ۾ شرڪت جي نه صرف پاڻ نِيت ڪيون پر ٻين اسلامي ڀائرن تي به اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به تيار ڪيون۔ فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّي الله تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي:
مَنِِ اعْتَکفَ اِيمانًا وَّاِحْتِسَابًا غُفِرَلَه مَاتَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ يعني جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتِڪاف ڪيو، ان جا اڳوڻا سمورا گُناھ بخشيا ويندا۔'' (جامع صغير ص۵۱۶الحديث۸۴۸۰)

یا خدا ماہِ رمضاں کے صدقے

 

سچّی توبہ کی توفیق دیدے

نیک بن جاؤں جی چاہتا ہے

 

یا خدا تجھ سے میری دُعا ہے

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص136)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿي سگھي ته هر سال نه ته زِندگي ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ته سڄي رَمَضانُ المبارَڪ جو اِعتڪاف ڪرڻ ئي