Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿورو هنن عذابن تي غور ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي هيڻائپ ۽ ڪمزوري تي نظر ڪيو، هاءِ! اسان جي ڪمزوري جو حال ته هي آهي جو هلڪو بُخار يا مٿي ۾ سُور ٿئي ته اسان تڙپي پئون ٿا، ته پوءِ آخرت جا هي دَرد ناڪ عذاب ڪيئن برداشت ڪري سگھنداسين؟ اسان جو نازُڪ بدن هرگز انهن عذابن کي برداشت نٿو ڪري سگھي، تنهنڪري اڃا به وَقت آهي هوش ۾ اچو ۽ ماڻهن جون غيبتون ڪرڻ، چُغليون هڻڻ، انهن جي عيبن کي ظاهر ڪرڻ کان بچو، ڇوته غيبت ڪرڻ وارن، چُغل خورن ۽ پاڪباز ماڻهن جي عيب تلاش ڪرڻ وارن کي الله عَزَّوَجَلَّ (قيامت جي ڏينهن) ڪُتّن جي شِڪل ۾ اٿاريندو۔ (اَلتَّرغِيب وَالتَّرهيب ج۳ص۳۲۵ حديث ۱۰) اهڙي طرح وياجي ڪاروبار جي ذريعي حرام روزي ڪمائڻ، کائڻ کان به بچندا رهو ڇوته وياج جو هڪ دِرهم وٺڻ الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو هن شخص جو حالتِ اسلام ۾ 33 ڀيرا بدڪاري ڪرڻ کان به وڌيڪ وڏو گناھ آهي۔ (مجمع الزوائد،ڪتاب البيو ع ، باب ماجاء في الربا ،الحديث: ۶۵۷۴،ج۴ ،ص ۲۱۱)

تنهنڪري حلال روزي ڪمايو، پنج وقته نمازِ باجماعت جي عادت بنايو، ٻنهي جهان ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي۔ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ

اي عاشقانِ مصطفيٰ! هٿوهٿ سچّو عهد ڪيو ته آئينده اسان ڪڏهن به ڪنهن جي غيبت نه ڪنداسين، اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ ، هاڻي ڪا به نماز قضا نه ٿيندي  اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ، ماءُ پيءُ جي دِل نه ڏکائينداسين اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ، ڪنهن جو به ناحق مال نه کائينداسين اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ ۔جيڪي صاحبِ نصاب آهن اهي نيت ڪن ته پوري پوري زڪوٰة ادا ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَاللهعَزَّ وَجَلَّ