Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

وَسَلَّم حضرت مُوسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام کي ڏسي ورتو ۽ اهو به ٻڌايو ته اهي پنهنجي مزار ۾ نماز پڙهي رهيا هئا، هتي اها ڳالھ به ذهن ۾ رکو ته بيتُ المقدس ۾ جتي تمام انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام حُضُور عَلَيۡهِ الصَّلٰوة ُوَالسَّلَام جي اِستقبال جي لاءِ پهريان کان ئي مَوجُود هئا، ان ۾ حضرت مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام به مَوجُود هو حُضُور عَلَيۡهِ الصَّلٰوة ُوَالسَّلَام جڏهن بُراق تي تشريف فرما ٿي آسمانن تي پهتا، اتي ٻين نبين سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام سان گڏ حضرتِ مُوسي ٰعَلَيۡهِ السَّلَام سان ڇهين آسمان تي ملاقات ٿي، ان سان مَعلُوم ٿيو ته انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام کي الله عَزَّ وَجَلَّ اهڙي طاقت ۽ قوت عطا ڪئي آهي جو نُوري بُراق به ان نَبوي طاقت جو مُقابلو نٿو ڪري سگھي، ۽ اهو به مَعلُوم ٿيو ته الله عَزَّ وَجَلَّ جا تمام انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام بااختيار ۽ قادر آهن، الله عَزَّ وَجَلَّ انهن کي اهو اختيار ڏنو آهي ته اهي جڏهن چاهين جتي چاهين وڃي سگھن ٿا، جڏهن ٻين نبين سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلَام جي طاقت جو هي عالَم آهي ته اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ته تمام نبين جا به امام آهن ۽ سڀني جا سردار به آهن، اُنهن جي طاقت ۽ اختيار جو اندازو ڪير ڪري سگھي ٿو؟ سرڪار اعليٰ حضرت، امام اَهلسُنَّت،الشاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا:

خَلق سے اولیا، اولیا سے رسل

 

اور رسولوں سے اعلیٰ ہمارا نبی

مُلکِ کونین میں انبیا تاجدار

 

تاجداروں کا آقا ہمارا نبی

 

 

(حدائقِ بخشش،ص138،139)

شعرن جي وضاحت:

v        تمام انسانن ۾ اولياءِ ڪرام افضل ۽ اعليٰ آهن، اولياءِ ڪرام کان انبياء ۽ مرسلين افضل ۽ سڀني رسولن کان اعليٰ اسان جو نبي۔