Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

سُوْرَة الْبَقَره جون آخري 2 آيتون آهن، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معراج جي رات الله تعاليٰ کان بِلا واسِطه ٻُڌي، اهڙي طرح ڪجھ سُورَةُ الضُّحيٰ ۽ ڪجھ سُورَه اَلَم نَشرَح معراج جي رات ٻُڌي۔ (تفسير روح البيان سورة الشوريٰ،ج8،ص345 )

اي عاشقانِ مصطفي! سُوْرَة الْبَقَره جون آخري 2 آيتون جيڪي سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خالقِ سمٰوٰت عَزَّوَجَلَّ کان شبِ معراج قُربِ خاص ۾ ٻڌيون، اچو! ان جي فضيلت ٻڌو ۽ وقت بوقت ان جي تلاوت به ڪندا رهو۔

حضرتِ سيدُنا نعمان بن بشير رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته شهنشاھ مدينه، قرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله  عَزَّوَجَلَّ زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪرڻ کان ٻه هزار(2000) سال پهريان هڪ ڪتاب لکيو پوءِ هن مان سُوْرَة الْبَقَره جون آخري ٻه آيتون نازل فرمايون۔ جنهن گھر ۾ ٽي (3) راتيون ان ٻنهي آيتن کي پڙھيو وڃي شيطان ان گھر جي ويجھو نه ايندو۔ )سُنَنُ التِّرْمِذِي ج۴ ص۴۰۴ حديث۲۸۹۱(

حضرتِ سيدُنا ابُومسعود  رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي ته حضورِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ، سياحِ اَفلاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو شخص سُوْرَة الْبَقَره جون آخري ٻه آيتون رات ۾ پڙھندو اهي ان کي ڪفايت ڪنديون۔ (صَحِيحُ البُخارِي ج۳ ص۴۰۵ حديث۵۰۰۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُوْرَة الْبَقَره جي آخري ٻن آيتن جي ڪفايت ڪرڻ مان مُراد هي آهي ته اهي ٻه آيتون هن جي ان رات جي قيام (رات جي عبادت) جي قائم مقام ٿي وينديون يا ان رات ان کي شيطان کان محفوظ رکنديون۔ هڪ قول هي به آهي ته هن رات ۾ نازل ٿيڻ وارين آفتن کان بچائينديون۔ وَاللّٰه تَعَالٰي اَعْلَمُ   (فَتْحُ الْبَارِي،۱۰/۴۸)