Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

هلڻ جون 15 سنتون ۽ آداب

اچو! شيخ طريقت، امير اهلسنّت حضرت علّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي”163 مدني گل“مان هلڻ جون 15 سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ سيپاري 15 سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ ارشاد ربُّ العِبَاد آهي:

وَ لَا تَمۡـشِ فِـی الۡاَرۡضِ مَـرَحًا ۚ اِنَّکَ لَـنۡ تَخۡرِقَ الۡاَرۡضَ وَ لَنۡ تَبۡلُغَ الۡجِبَالَ طُوۡلًا 0

 (پ۱۵،بني اسرائيل:۳۷)

ترجموڪنزالايمان:۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .

* فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو اهو زمين ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ داخل ڪيو ويندو. ([1]) * رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هلندا هئا ته ڪجهه اڳيان طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهون کان هيٺ پيا لهنـ([2]) * جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري وچٿري چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن ٿين ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! نه ايترو آهستي جو ڏسڻ واري کي اوهان بيمار لڳو * رستي تي هلندي پريشان نظري(يعني بلاضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ) سنت ناهي، هيٺ نگاهه ڪري باوقار طريقي سان هلو * هلڻ يا ڏاڪڻ تان لهڻ مهل هي احتياط ڪيو ته جوتن جو آواز پيدا نه ٿئي * رستي تي ٻه عورتون بيٺيون هجن يا وڃي رهيون هجن ته انهن جي وچ مان نه گذرو جو حديث پاڪ ۾ هن جي مُمانعت آيل آهي.([3]) * ڪجھ ماڻهن

 



[1]…مُسلِم،کتاب اللباس والزینۃ،باب تحریم التبختر فی المشی...الخ،ص۱۱۵۶،حدیث:۲۰۸۸ملخصاً

[2]…الشمائل المحمدية للترمذی،باب ما جاء فی مشیۃ رسول اللہ ، ص۸۷،رقم:۱۱۸

[3]…ابوداود ،کتاب الادب،باب فی مشی النساء مع الرجال فی الطریق، ۴/۴۷۰،حدیث:۵۲۷۳