Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

پنهنجي پسند جون شيون اخلاص سان الله عَزَّوَجَلَّ جي راھ ۾ ضرور صَدَقو ڪيون ۽ بُـخل کان هردَم بچندا رهون، ڪٿي ائين نه ٿئي جو صَدَقي ۽ ٻين نيڪ ڪمن ۾ ڪوتاهي ڪندي ڪندي اسان جا مَعاشي حالات اهڙي موڙ تي اچي وڃن جو اسان چاهڻ باوُجُود به صَدَقات ۽ خَيرات نه ڪري سگھون يا وري مَوت ئي اچي وڃي ۽ اسان کي اهڙي حَسرت ۽ پڇتاوي ۾ مبُتلا ڪري، جنهن جو ڪو حاصِل ناهي۔ اهو به معلوم ٿيو ته صَدَقو صرف مالي تعاون سان خاص ناهي بلڪ ڪنهن مسلمان جي سامهون مسڪرائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان روڪڻ، راھ تان تڪليف وارين شين کي هٽائڻ ۽ مسلمانن ۾ صلح ڪرائڻ وغيره جي ذريعي ڪو پائي پيسو خرچ ڪرڻ بنا به صَدَقي جو ثواب ڪمائي سگھجي ٿو، الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي خُوش دلي سان پنهنجي راھ ۾ وقت بوقت صَدَقو ۽ خَيرات ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِينصَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں

 

نیک ہو جائیںمسلمان مدینے والے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                  صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

 

 



[1]… مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵