Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

آهن، ٿي سگھي ٿو ته اسان مان ڪنهن جي ذهن ۾ سوال اچي ته ڀلا مان ڪهڙي نموني پنهنجو حصو دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ شامل ڪري سگھان ٿو؟

اچو هڪ نهايت ئي آسان طريقو اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪيان ٿو ته جنهن جي ذريعي غريب کان غريب به دعوتِ اسلامي جي مدني عطيات ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھي ٿو، اهو ڇا آهي، ”مدني عطيات بڪس(Box)“ جي ذريعي مالي تعاون۔

دعوتِ اسلامي جي شعبي ”مجلس مدني عطيات بڪس“ جي طرفان هڪ بڪس جي ترڪيب ڪئي وئي آهي، اهي مدني عطيات بڪس دُڪانن، ڪارخانن، مارڪيٽن، شاپنگ مالز، ميڊيڪل اسٽورز ۽ دفترن وغيره ۾ رکڻ سان گڏوگڏ گھرن ۾ به رکيو ويندو آهي، ته جيئن اسان پنهنجي آساني کي ڏسندي روزانو ڪجھ نه ڪجھ رقم ان بڪس ۾ وجھندا رهون جيڪي دُڪاندار آهن اهي سٺين سٺين نيتن سان پنهنجي گراهڪن (Customers) تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ مال خرچ ڪرڻ جي ترغيب ۽ فضائل ٻڌائي انهن کي به پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي ترڪيب ڪيو ته مدينه مدينه۔

مشورةً عرض آهي ته اسان روزانو هڪ رقم خاص ڪيون مثال طور 5 روپيا ئي سهي، پوءِ ان جي مطابق اسان روزانو پنهنجو حصو وجھندا وڃون ۽ مجلس مدني عطيات بڪس جي طئي شده طريقي جي مطابق اهي مدني عطيات جمع به ڪرائي ڇڏيون۔ جيڪي دُڪانن وغيره تي بڪس رکيا ويندا آهن، هن کي "مدني عطيات بڪس" ۽ جيڪي گھرن ۾ بڪس رکيا ويندا آهن، اُن کي"گھريلو صدقه بڪس" چئبو آهي۔