Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

ويندو آهي، ته جيئن دَورِ طالبِ علمي کان فراغت بعد قوم جا اُهي حقيقي مِعمار مُعاشري جي بگاڙ کي سڌارڻ ۾ پنهنجو ڪردار اَدا ڪندي، شيخِ طريقت،اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل هن مدني مقصد جي تحت زندگي گُذارڻ وارا بڻجي وڃن ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ

ياد رکو! دعوتِ اسلامي جي تحت هلڻ وارا اهي مدارِسُ المدينه و جامعاتُ المدينه دِيني فضليت جي لحاظ سان وڏي اهميت جا حامل آهن، اهو ئي سبب آهي جو انهن مدارِسُ المدينه ۽ جامعاتُ المدينه کي قائم رکڻ جي لاءِ اِنهن جي مختلف اَخراجات جي مَد ۾ سالانو ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويندا آهن، جنهن جي لاءِ ڪڏهن مدني چينل جي ذريعي به ٽيلي ٿون (يعني مدني عطيات جمع ڪرڻ جي مهم) جي به ترڪيب ٿيندي آهي، تنهنڪري اوهان سان به عرض آهي ته علمِ دين جي طالبن جي دُعائن مان حِصّو پائڻ، دعوتِ اسلامي جي ترقّي ۽ بقا ۽ مدارِس المدينه و جامعات المدينه جي نظام کي مضبوط کان مضبوط تَر بڻائڻ جي لاءِزڪوٰۃ، فطرات، صَدَقات ۽ خَيرات، نفلي عطيات ۽ عُشر وغيره جي ذريعي نه صرف پاڻ تعاوُن ڪيو بلڪ پنهنجي عزيزن، پاڙيسرين ۽ دوست اَحباب تي انفرادي ڪوشش ڪري اُنهن کي به هن جي ترغيب ڏياريو، اسان جي زبان چَورڻ ۽ اسان جي اِنفرادي ڪوشش سان جيڪڏهن ڪنهن جو مدني ذهن بڻجي ويو ۽ اُن پنهنجي زڪوۃ، فطرات، صَدَقات ۽ خَيرات،نفلي عطيات يا عُشر وغيره دعوتِ اسلامي کي مدني ڪمن جي لاءِ ڏني ته اها اسان جي لاءِ به ثوابِ جاريه جو ذريعو بڻجي ويندي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ هزارين عاشقانِ رسول، مختلف انداز سان "تبليغِ قرآن وسُنّت جي عالمگيرغير سِياسي مسجد ڀريو تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ مالي تعاون جي سعادت حاصل ڪندا رهندا