Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

سان احسان ڪرڻ۔([1]) ۽ سٺي گفتگو ڪرڻ. ([2])

اهي سڀئي ڪم مختلف احاديثِ مُبارڪه جي روشني ۾ افضل صَدَقي ۾ شُمار ٿيندا آهن، جن مان ڪجھ مالي ۽ ڪجھ غير مالي صَدَقا آهن، جن ۾ مال خرچ ڪرڻ بِنا ئي صَدَقي جو ثواب حاصل ٿي ويندو آهي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قرآن وسنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي اهلِ حق جي عالمگير غير سياسي، مسجد ڀريو تحريڪ آهي جيڪا تبليغِ دين جي تقريباً 102 شعبن ۾ نيڪي جون ڌومون مچائڻ ۾ سرگرمِ عمل آهي۔ هن نازُڪ دَور ۾ جڏهن باطل قوّتون چئني پاسي کان سڄي طاقت سان مسلمانن جي ايمان کي برباد ڪرڻ ۽ اُنهن کي گمراهي جي کڏ ۾ ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ مشغول آهن، اهڙي ۾ دعوتِ اسلامي اُمّيد جو ڪِرڻو بڻجي چمڪي ۽ هن مدني تحريڪ اُمّت جي ٻڏندڙ ڪِشتي کي سهارو ڏيڻ، سڄي دُنيا ۾ تعليمِ قرآن ۽ سُنّت کي عام ڪرڻ، نُورِ قرآن سان سينن کي سرشار ۽ اُمَّتِ مُصطَفٰي کي خوابِ غفلت مان بيدار ڪرڻ جي جذبي جي تحت مختصر عرصي ۾ گھڻن ئي ملڪن ۽ شهرن ۾ مدني منّن ۽ منّين جي لاءِ سوين مدرسا ”مدرسۃ المدينه“ جي نالي سان، جڏهن ته اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جي تعليم ۽ تربِيت جي لاءِ جامعات بنام”جامعۃ المدينه“ جو بُنياد رکيو، هن ۾ بِلامبالغه هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون قُرآن ۽ سنت جي مُفت تعليم حاصل ڪندا آهن، جتي انهن کي زيورِ قرآن ۽ علمِ دين نيز شرعي ۽ اخلاقي تربِيت سان آراسته ڪرڻ جو خصوصيت سان اهتمام ڪيو

 

 



[1]…شعب الایمان،باب فی تعاون علی البر والتقوی،حدیث:۷۶۸۲،۶ ص۱۲۴ ماخوذاً

[2]…شعب الایمان،باب فی تعاون علی البر والتقوی، حدیث: ۷۶۸۴،۶ ص۱۲۵ ماخوذاً