Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

ئي علائقي جي فيضانِ رضا مسجِد (لائنز ايريا) ۾ ٿيڻ واري سنّتن ڀري اِجتِماعي اِعتِڪاف ۾ ويهڻ جي ترغيب ڏياري، مون هاڪار ڪئي ۽ گھر وارن کان اجازت وٺي رَمَضانُ المبارَڪ جي آخِري عشري ۾ مُعتَڪف ٿي ويس۔ اِعتڪاف ۾ عاشِقانِ رسول جي صحبتن جي برڪتن کان خوب مالا مال ٿيس ۽ اِعتِڪاف ۾ سڄي زندگي جي لاءِ پنج وقتو نمازي بڻجڻ جو پختو عزم ڪيو، ٻين گناهن سان گڏوگڏ ڏاڙھي ڪٽائڻ کان به توبه ڪئي۔ هٿوهٿ عمامو شريف به سجائي ورتو ۽ سنّت جي مطابِق مَدَني لباس جي به نيت ڪئي۔ عيد جي ٻي ڏينهن عاشِقانِ رسول سان گڏ 3 ڏينهن جي مَدَني قافِلي ۾ سنّتن ڀريو سفر ڪيو ۽ هن مبارڪ سفر جي بَرَڪت سان مان تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جو ئي ٿي ويس، الله عَزَّ وَجَلَّ ڪري جو مرڻ گھڙيءَ تائين دعوتِ اسلامي جو مَدَني ماحول مون کان جدا نه ٿئي۔ هاڻي مان فيشن ايبل ماڊرن ڇوڪرو نه رهيس، اعتِڪاف ۽ هٿو هٿ مَدَني قافِلي جي سفر جي دوران عاشقانِ رسول جي قُرب اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مون کي ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو. مون تي الله عَزَّوَجَلَّ جو وڏو ڪرم آهي جو مان هي بيان ڏيڻ وقت پنهنجي علائقي ۾ مَدَني انعامات جي ذمّيدار جي حيثيت سان سنّتن جي خدمت ڪري رهيو آهيان۔

فضلِ ربّ سے گناہوں کی عادت چُھٹے

 

مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

نیکیوں کا تمھیں خوب جذبہ ملے

 

مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحيم صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رشتييدارن تي صدقو ڪرڻ جي ترغيب ۽ اهميت بيان ڪندي ارشاد فرمايو: اِنَّ الصَّدَقَۃَ عَلٰي ذِي قَـرَابَۃٍ يضَعَّفُ اَجْرُھَا مَرَّتَينِ يعني