Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

احاديثِ مُبارڪه ۾ به ڪيئي هنڌن تي صَدَقي ۽ خَيرات جون ترغيبون ۽ فضيلتون بيان ڪيون ويون آهن۔ اچو! ترغيب جي لاءِ هن باري ۾ 5 مبارڪ حديثون ٻڌون ٿا:

  1. رَبّ عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو: اي ابنِ آدم! پنهنجي خزاني مان مون وٽ ڪجھ مال گڏ ڪري ڇڏ، نه سڙندو، نه ٻُڏندو، نه چوري ٿيندو۔ مان اُن وقت تو کي پورو بدلو ڏيندس، جڏهن تون ان جو وڌيڪ ضرورت مند هوندين۔([1])
  2. بَاکِرُوْابِالصَّدَقَةِ فَاِنَّ الْبَلآءَ لَا يَتَخَطَّي الصَّدَقَةَ يعني صبح جو آغاز صَدَقي سان ڪيو ، ڇو ته مُصيبت صَدَقي جي سامهون قدم ناهي وڌائيندي۔([2])
  3. اِنَّ صَدَقَةَالْمُسْلِمِ تَزِيْدُ فِي الْعُمْرِ وَتَمْنَعُ مِيْتَةَ السُّوْءِ وَيُذْھِبُ اللهُ الْکِبْرَ وَالْـفَخْرَ يعني بيشڪ مسلمان جو صَدَقو عُمر کي وڌائي ٿو ۽ بُري مَوت کي پري ڪندو آهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ (ان جي برڪت سان صَدَقو ڏيڻ واري سان) تَڪبُّر ۽ تَفَاخُر (وڏائي ۽ فخر ڪرڻ جي بُري عادت) کي پري ڪري ڇڏيندو آهي۔([3])
  4. اِنَّ الصَّدَقَةَ لَتُطْفِئُ عَنْ اَھْلِھَا حَرَّ الْقُبُوْرِ وَاِنَّمَا يسْتَظِلُّ الْمُـؤْمِنُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ فِي ظِلِّ صَدَقَتِهٖ يعني بيشڪ صَدَقو ڪرڻ وارن کي صَدَقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي ۽ بيشڪ مسلمان، قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدَقي جي ڇانو ۾ هوندو۔([4])
  5.  اِنَّها حِجَابٌ مِّنَ النَّارِ لِمَنِ احْتَسَبَهَا يَبْتَغِي بِها وَجْهَ اللهِ، جيڪو الله عَزَّ وَجَلَّ  جي رِضا جي خاطِر صَدَقو ڪري، ته اهو صَدَقو ان جي ۽ دوزخ جي وچ ۾ رُڪاوٽ بڻجي ويندو آهي۔([5])

 



[1]…شعب الإیمان، باب في الزکاۃ، التحریض علی صدقۃ التطوع، ۳/۲۱۱، حدیث: ۳۳۴۲

[2]…شعب الایمان، باب الزکاۃ،التحریض علی صدقۃ التطوع ، ۳/۲۱۴،حدیث:۳۳۵۳

[3]…مجمع الزوائد ،کتاب الزکاۃ، باب فضل الصدقہ، ۳/۲۸۴،حدیث: ۴۶۰۹

[4]…شعب الایمان،باب الزکاۃ،التحریض علی صدقۃ التطوع،۳/۲۱۲، حدیث: ۳۳۴۷

[5]…مجمع الزوائد،کتاب الزکاة، باب فضل الصدقة،۳/ ۲۸۶، حدیث: ۴۶۱۷