Book Name:Sadqay ki Baharain ma Afzal Sadqaat

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص 316)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان ته پاڻ الله تعاليٰ اسان کي پنهنجو مَحْبُوب ترين مال پنهنجي راھ ۾ خَرچ ڪرڻ جي ترغيب اِرشاد فرمائي رهيو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته ڪنجُوسي ڪرڻ جي بدران، دل کولي صَدَقو ۽ خَيرات ڪيون۔ ظاهر آهي ته اسان وٽ جيڪو ڪجھ به آهي، اهو الله عَزَّوَجَلَّ جو ئي ڏنل آهي، تنهنڪري ان جي ڏنل مال مان ان جي رِضا جي لاءِ صَدَقو ۽ و خَيرات نه ڪرڻ، الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان ملڻ وارين نعمتن کان مَحرومي جو سبب به بڻجي سگھي ٿو۔

حضرت اَسْماء بِنتِ ابوبڪر رَضِياللّٰه تَعَالٰي عَنْهمَا کان روايت آهي، فرمائن ٿيون ته مُحَمَّد رسولُ الله صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي فرمايو: هٿ نه روڪيو، نه ته توهان کان به روڪيو ويندو۔([1])

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مال يقيناً الله عَزَّوَجَلَّ جي هڪ نهايت ئي عظيمُ الشان نعمت آهي، تنهنڪري جنهن کي الله تعاليٰ مال ۽ دولت جي نعمت کان سرفراز فرمايو آهي، ان کي کپي ته اهو ان نعمت جي قدر ڪندي ان کي بِلا ضرورت گڏ ڪري نه رکي ۽ نه ئي فضول ڪمن ۾ ضائع ڪري، بلڪ پنهنجي ماءُ پيءُ، گھرواري، ٻارن ٻچن، ڀيڻن ڀائرن، رشتيدارن، غريبن، مِسڪينن ۽ محتاجن تي جائز طريقي سان خرچ ڪري صدقي ۽ خَيرات جا فائدا ۽ ثَمَرات حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري، ڇو ته جيڪو شخص مال کي اِخلاص سان نيڪي جي ڪمن ۾ خرچ ڪندو آهي، اُن جي دُنيا ۽ آخرت سنورجي ويندي آهي، اهڙو ٻانهو الله عَزَّ وَجَلَّ ۽ ان جي مدني حبيب صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو محبوب ۽ آخرت جي ثواب جو حقدار ٿيندو آهي۔ قرآن شريف کان  علاوه



[1]…بخاری،کتاب الزکوۃ،باب التحریض علی الصدقۃ،۱/۴۸۳،حدیث:۱۴۳۳