Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

ڪيو ۽ ان طرح دُعا ڪيو: ''اي منهنجا مالڪ ! تنهنجو هي نافرمان ٻانهو جنهن جو وار وار گُناهن جي سمنڊ ۾ ٻڏل آهي، تنهنجي پاڪ بارگاھ ۾ حاضر آهي، ياالله  عَزَّ وَجَلَّ! آئون اِقرار ڪيان ٿو ته مون ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ۽ رات جي اونداهيءَ ۾، لڪي ڪري يا ظاهر ۾، ڄاڻي واڻي، اڻ ڄاڻائي ۾ تنهنجون نافرمانيون ڪيون آهن، يقيناً مون توکي ناراض ڪرڻ ۾ ڪا ئي ڪسر نه ڇڏي آهي، پر اي مولا! تُون غفور ۽ رحيم آهين، تُون ٻانهي تي اِن کان وڌيڪ مهربان آهين جيترو هڪ ماءُ پنهنجي اولاد تي شَفقَت ڪندي آهي، اي الله  عَزَّ وَجَلَّ! جيڪڏهن تُو منهنجي گُناهن تي پڪڙ ڪئي ته مون کي جهنَّم جي باھ ۾ سڙڻو پوندو، جنهن جو عذاب گھڙي ڀر جي لاءِ سهڻ جي مون ۾ طاقت ناهي، اي الله عَزَّ وَجَلٍٍَّ! مان سچي دل سان تنهنجي بارگاھ ۾ پنهنجي گُناهن کان توبه ڪيان ٿو، يا الله   عَزَّ وَجَلَّ! منهنجي هيڻائپ تي رحم فرما، اي منهنجا پرورد گار عَزَّوَجَلَّ!منهنجي گُناهن کي مُعاف فرماءِ،اي منهنجا پروردگار عَزَّوَجَلَّ! منهنجي گُناهن کي مُعاف فرماءِ، اي منهنجا پرورد گار عَزَّوَجَلَّ! منهنجي گُناهن کي مُعاف فرماءِ ،اي منهنجا مولا عَزَّوَجَلَّ! مون کي سچي توبه جي توفيق ڏي، جيڪا عبادتون اَدا ٿيڻ کان رهجي ويون هجن، انهن کي ادا ڪرڻ جي همٿ ڏي، جن ٻانهن جا حق مون تَلَف ڪيا، انهن کان به مُعافي گھرڻ جو حوصلو عطا فرماءِ ، اي الله عزّوَجَلَّ! تُون هر شيء تي قادِر آهين، تُو انهن کي مون سان راضي فرمائي ڇڏ، يا الله عَزَّوَجَلَّ! مون کي آئنده زندگي ۾ گُناهن کان بچڻ تي اِستقامت عطا فرماءِ، اي الله عَزَّوَجَلَّ! مون کي پنهنجي خوف سان معمور دل، روئڻ واري اک ۽ ڏڪڻ وارو بدن عطا فرما ۔

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم