Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

عرض ڪرڻ لڳا: حُضُور! الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي لارَيب ڪتاب قرآنِ ڪريم  فرمايو آهي: اُدْعُوْنِيۤ اَسْتَجِبْ لَکمۡ (پ24٢٤،المؤمن:٦60٠) (تَرجَمَوڪنزالايمان؛ مون کان دعا گھرو ته مان قبول ڪندس)۔اسان هڪ عرصي کان دعائون ڪري رهيا آهيون پر قَبول نه پيون ٿين۔

حضرت سيدُنا اِبراهيم بن اَدْهم رَحْمَة الله تَعَالٰی عَلَيه فرمايو: ڏھ (10) شين جي جي سبب توهان جون دليون مُردَه ٿي چڪيون آهن ۔

* توهان الله عَزَّ وَجَلَّ  کي خالِق ۽ مالِڪ مڃو ٿا، پر ان جو حق ادا نٿا ڪيو (يعني ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري نٿا ڪيو * قرآنِ پاڪ جي تلاوت ته ڪيو ٿا، پر ان تي عمل نٿا ڪيو *رَسُولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مَحَبَّت جي دعويٰ ڪندي به سُنَّتِ رسول کان مُنهن ڦيريو ٿا * شيطان سان دُشمني جا دعويدار به آهيو ۽ ان جا پيروڪار به * توهان کي جنَّت ۾ وڃڻ پسند ته آهي پر ان کي حاصل ڪرڻ وارو ڪو عمل ڪرڻ پسند نٿا ڪيو  *جهنَّم کان ڊڄڻ جو اِقْرار به آهي، پر عمل ان ۾ پاڻ کي ڪيرائڻ وارا آهن *موت جي بَرحق هئڻ تي يقين رکو ٿا، پر پوءِ به ان جي لاءِ ڪجھ تياري نٿا ڪيو * ٻين جا عيب تلاش ڪرڻ ۾ مصروف آهيو ۽ پنهنجن عيبن کان چشم پَوشي ڪيو ٿا * الله عَزَّ وَجَلَّ  جون نعمتون کائو ٿا ، پر ان جو شڪر اَدا نٿا ڪيو  *پنهنجي مُردن کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاهيو ٿا، پر پوءِ به عبرت حاصل نٿا ڪيو۔(پوءِ پاڻ ئي سوچيو! بلا اوهان جون دُعائون ڪيئن قَبول ٿين؟) (وفيات الاعيان ، ١/۳۹۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد