Book Name:Tauba karnay walon kay liay inamaat

هڪ مَدَني ڪم ’’مَدَني مذاڪري‘‘ ۾ اَوّل تا آخر شرڪت به آهي۔ مَدَني مذاڪري جي ته ڇا ڳالھ آهي ان ۾ شيخِ طريقت ،اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتهم الْعَالِيه کان پڇيل مُختلف سُوالن جا دِلچسپ جوابن جي صُورت ۾ عِلمِ دِين حاصل ٿيندو آهي ۽ عِلمِ دِين جي فضيلت ۾ ايندو آهي ته حضرت سَيدُنا ابُوذَر غفاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: حُضُورپُرنُور صَلَّی الله تَعَالٰی عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي ارشادفرمايو: اي ابُوذر!( رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) توهان جو هن حال ۾ صُبح ڪرڻ جو توهان الله عَزَّ وَجَلَّ جي ڪتاب مان هڪ آيت سکي هجي، اهو توهان جي لاءِ 100رڪعت نفل پڙهڻ کان بهتر آهي ۽ توهان جو هن حال ۾ صُبْح ڪرڻ جو توهان عِلْم جو هڪ باب سکيو هجي، جنهن تي عمل ڪيو ويو هجي، يا نه ڪيو ويو هجي، ته اهو توهان جي لاءِ 1000 رڪعت نفل پڙهڻ کان بهتر آهي. (ابن ماجه، ڪتاب السنة، ج۱، ص۱۴۲، حديث۲۱۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! هٿوهٿ اسان سڀ به نِيّت ڪيون ٿا ته هر هفتي مَدَني مُذاڪري ۾ اَوَّل کان آخر تائين شرڪت کي يقيني بڻائينداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مدني مُذاڪري ۾ شرڪت جي دعوت ڏيندا رهنداسين، اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه باب المدينه( ڪراچي) کان علاوه، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ هر هفتي ڪيئي عاشقانِ رسول، اِنفرادي ۽ اجتماعي طور تي مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي سعادت حاصل ڪندا آهن، ڪيئي مدني مذاڪرن ۾ خصوصي طور تي زِندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن جي شرڪت جو سلسلو به هوندو آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّ وَجَلَّ انهن مدني مذاڪرن جا قيمتي مدني گل، رسالن جي صورت ۾ به مڪتبة المدينه تان وقت بوقت شائع ٿيندا رهندا آهن، انهن