Book Name:Maktoob e Attar

آهن، تاڪيد سان عرض آهي ته جيڪڏهن پڙهي چڪا آهيو تڏهن به دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 107 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”چندي جي باري ۾ سوال جواب“ جو ٻيهر مطالعو فرمايو. يا الله عَزَّوَجَلَّ رمضان المبارڪ ۾ چندي ۽ عيد الاضحيٰ ۾ کلن جي لاءِ ڪـوشش ڪري جيڪـي عاشقانِ رسول منهنجي دل خوش ڪندا آهن تون انهن کان هميشه هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃ ۽ انهن جي صدقي مون پاپي ۽ بدڪار، گناهگارن جي سردار کان به هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃ.

ياالله عَزَّوَجَلَّ! جيڪي اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ (عذر نه هجڻ جي صورت ۾) هر سال ٽن مهينن جا روزا رکي ۽ هر سال جَمادي الآخرٰي ۾ رسالو ڪفن جي واپسي ۽ رَجَبُ المُرَجَّب ۾ آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو ۽ شَعبان المُعَظّم ۾ فيضانِ رمضان پڙهي يا ٻڌي وٺڻ جي سعادت حاصل ڪري مون کي ۽ ان کي دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب فرماءِ ۽ اسان کي بي حساب بخشي ڪري جنّت الفردوس ۾ پنهنجي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڙي ۾ گڏ رک.    اٰمين بِجاهِ النَّبِيِّ الۡاَمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

جشنِ مِعراجُ النّبي

      دعوتِ اسلامي جي طرف کان رَجَبُ المُرَجَّب جي ستاويھين رات، جشنِ معراج النبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سلسلي ۾ ٿيڻ واري اجتماعِ ذِڪر و نعت ۾ تمام اسلامي ڀائر شروع کان آخر تائين شرڪت فرمائيندا