Book Name:Maktoob e Attar

      مطالعو ڪيو هجي تڏهن به ٻئي رسالا (1) ڪـفـن جـي واپسـي ۽ رجب جون بهارون ۽ (2)  آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو پڙهي ڇڏيو، ۽ پڻ هر سال شعبان المُعَظّم ۾ فيضان سنّت جو باب فـيـضـانِ رمـضـان ضرور پـڙهي ڇـڏيـنـدا ڪريو. ٿي سگهي ته عيدِ مِعراجُ النبيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسبت سان 127 يا 27 رسالا يا حسبِ توفيق فيضانِ رمضان به تقسيم فرمايو ۽ خوب خوب ثواب ڪمايو. تمام اسلامي ڀائرن سان بالعُمُوم ۽ جامعات المدينہ ۽ مدارس المدينہ جي جمله قاري صاحبان، استادن، ناظمن ۽ طالبن جي خدمت ۾ بالخصوص تڙپندڙ مدني عرض آهي ته براءِ ڪرم! (منهنجي جيئري ۽ مرڻ کان بعد به) زڪوٰة، فطرو، قرباني جون کلون ۽ ٻيا مدني عطيات جمع ڪرڻ ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺندا ڪريو. (اسلامي ڀينرون ٻين اسلامي ڀينرن ۽ مَحارِم کي ترغيب ڏيارين)

خدا جو قسم! مون کي انهن استادن ۽ شاگردن جي باري ۾ ٻڌي ڪري تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ وڃڻ جي خواهش کي قربان ڪري رمضان المبارڪ جو مهينو جامعات ۾ گذاريندا آهن ۽ پنهنجي مَجلس جي هدايتن جي مطابق چندي جي بستن تي ذميداريون سنڀاليندا آهن. جيڪي استاد ۽ شاگرد بغير ڪنهن عذر جي صرف سُستي يا غفلت جي سبب عدمِ دلچسپي جو مظاهرو ڪندا آهن انهن جي سبب کان منهنجي دل ڏکندي آهي.

 

خصوصي مدني گُل: جيڪي اسلامي ڀاءَ يا اسلامي ڀيڻ چندو جمع ڪرڻ چاهن ٿا انهن  کي چندي جا ضروري احڪام معلوم هجڻ فرض