Book Name:Maktoob e Attar

نفلي روزن جون به ڇا نه خوب بهارون آهن هن ضِمن ۾ ٻه مبارڪ حديثون ملاحظه فرمايو،

(1) فِـرشتا ڪڏهن دعاءِ مَغفِرت ڪندا آهن؟

    حضرت سيّدَتُنا اُمِّ عَمَّارَه  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْها فرمائن ٿيون: حُضُور پاڪ، صاحبِ لولاڪ، سَيَّاحِ اَفلاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ تشريف وٺي آيا ته مون پاڻ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت بابرڪت ۾ کاڌو پيش ڪيو ته ارشاد فرمايائون: ”تون به کاءُ“ مون عرض ڪيو: ”مان روزي سان آهيان“ ته رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”جيستائين روزيدار جي سامهون کاڌو کاڌو ويندو آهـي

فِرشتا ان روزيدار جي لاءِ دعاءِ مَغفِرت ڪندا رهندا آهن.“

                                                                    (سنن ترمذي ج 2 ص 205 حديث 785)

 (2) روزيدار جون هڏيون ڪڏهن تسبيح ڪنديون آهن؟

      حضرت سيّدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ نبيِّ اَڪرم، رحمتِ عالم، نُورِ مُجسم، شاھِ بني آدم، رسولِ مُحۡتَشَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ مُعَظم ۾ حاضر ٿيا، ان وقت حُضُور پُر نُور، شافعِ يومُ النُّشور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ناشتو ڪري رهيا هئا، فرمايائون: اي بلال! ناشتو ڪريو، عرض ڪيائون: يارسول الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان روزيدار آهيان، ته رسول الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اسان پنهنجي روزي کائي رهيا آهيون ۽ بلال جو رزق جنّت ۾ وڌي رهيو آهي. اي بلال! ڇا توکي خبر آهي ته جيستائين  روزيدار  جي  سامهون  ڪجھه کاڌو  وڃي  تيستائين  انهي جون هڏيون  تسبيح  ڪنديون