Book Name:Maktoob e Attar

اَلۡـحَـمۡـدُ  لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ    وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ  الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ  الـشَّـیۡـطٰنِ  الـرَّجِیۡمِ ؕ   بِـسۡمِ  الـلّٰـہِ  الـرَّحۡـمٰنِ  الـرَّحِـیۡمِؕ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو شيخِ طريقت، امير اهلسنت
 دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي نفل روزن جي ترغيب ۽ رجب المرجب جي فضائلن تي مشتمل هڪ خوبصورت مڪتوب ٻڌون ٿا؛

 

مڪتوبِ عطار

    بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ  ط سگِ مدينه محمّد الياس عطار قادري رضوي عُفِیَ عَنه جي طرفان، تمام اسلامي ڀائرن ، اسلامي ڀينرن ، مدارس المدينه  ۽ جامعاتُ المدينه جي اساتذه ، طَلَبه  معلمات ۽ طالبات جي خدمات ۾ ڪعبهء مُشَـرّفه جي چوڌاري گھمندو،گنبذ خضريٰ کي چمندو رَجَبُ المُرَجب، شَعبانُ المُعَظم ۽ رمضانُ المُبارڪ جي برڪتن سان مالا مال  جهومندو سلام،

اَلسَّلَامُ عَلَيْکُم وَرَحْمَةُ الله  ِوَبَرَکاتُهٗ                اَ لۡـحَـمۡدُ لِلهِ رَبِّ العٰلَـمِيۡنَ عَليٰ  کُلِ  حَال

ہو      نہ ہو    آج     کچھ   مرا      ذکر    حضور   ميں ہوا

                 ورنہ مری   طرف   خوشی  د  يکھ  کے مسکرائی  کيوں (حدائق بخشش)

         اَلۡـحَمۡدُ للهعَزَّوَجَلَّ هڪ ڀيرو وري خوشين جا ڏينهن اچڻ لڳا، رجب شريف جي مهيني جي آمد آمد آهي. هن مبارڪ مهيني ۾ عبادت جو ٻج پوکيو ويندو آهي، شَعبانُ المُعَظم ۾ شرمساري جي ڳوڙهن سان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ رحمت جو فصل ڪٽيو ويندو آهي.