Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

برائي کان منع ڪرڻ جي هن عظيم فريضي کي نه ڇڏيو ۔علّامه زُرقاني   رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  شرح مواهب ۾ فرمائن ٿا ته خاص ڪري حج جي زماني ۾ حضور نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارَڪ عادت هئي ته اهلِ عرب جا پري پري کان آيل قبيلا جيڪي مڪي ۾ گڏ ٿيندا هئا، ته پاڻ سڳورا   صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني قبيلن ۾ دورو فرمائي ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيندا هئا، اهڙي طرح عرب ۾ وقت بوقت گھڻا ئي ميلا لڳندا هئا جنهن ۾ پري پري کان قبيلا گڏ ٿيندا هئا، انهن ميلن ۾ به پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تبليغِ اسلام جي لاءِ تشريف وٺي ويندا هئا۔ (شرح المواھب، ذکر عرض المصطفٰی...الخ،۲/۷۳ ملخصاً )

اَلْحَمْدُلِلّٰهعَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول اسان کي به اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام ۽ سَيدُالاَنبيا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن پياري پياري سُنّت تي عمل ڪرڻ جي لاءِ هر هفتي ’’علاقائي دَورو براءِ نيڪي جي دعوت“ ۾ شرڪت ڪرڻ جي ترغيب ڏياري ٿو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰهعَزَّوَجَلَّ علاقائي دَوره براءِ نيڪي جي دعوت جي برڪت سان مسجد ۾ نمازين جو تعداد وڌي ويندو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيو ته علاقائي دَورو براءِ نيڪي جي دعوت جي ذريعي مُعاشري جا بگڙيل ماڻهو دعوت ِاسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي صلوٰة و سُنَّت تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي ويا، تنهن ڪري اسان کي به وقت ڪڍي هن عظيم مدني ڪم ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ گھرجي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

  مٺا مٺا اسلامي ڀائرو ! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.