Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

لاءِ ڏينهن رات هن جو ڀرپور استعمال ڪرڻ لڳا آهن جنهن جي ڪري مسلمانن جو نئون نسل ان جي بُري اَثَرات و اَفڪار جي وڪوڙ ۾ اچي ويو آهي، اهڙي صورت حال ۾ هر درد مند دل جي بس هڪ ئي صدا هئي ته ڪاش! ڪو ميڊيا جي ذريعي گناهن جي هن سيلاب ۾ وهي وڃڻ وارن مسلمان مَردن، عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي بچائي ۽ هڪ خالص اسلامي چينل شُروع ڪري۔ تبليغِ قرآن وسُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ وڏي شدّت سان محسوس ڪيو ته ميڊيا جي هن جنگ ۾ جديد آلات ۽ ذريعن جو استعمال ڪرڻ کان بنا طاغُوتي طاقتن جو مقابلو ڪرڻ نهايت مشڪل آهي، اڄ شايد ئي ڪو گھر هجي جيڪا T.V کان خالي هجي، غالب گمان اھو ئي آھي ته مسلمانن جي گھرن مان T.V ڪڍرائڻ نهايت مشڪل آھي، بس ھڪ ئي صورت نظر آئي ۽ اھا ھي ته جهڙي طرح دريا ۾ ٻوڏ ايندي آهي ته ان جو رخ فصلن وغيره جي طرف موڙيو ويندو آھي ته جيئن فصل به سيراب ٿين ۽ آبادين کي به تباهي کان بچائي سگھجي بلڪل انهيءَ طرح T.V ئي جي ذريعي مسلمانن جي گھرن ۾ داخل ٿجي ۽ انهن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪيو وڃي، جڏھن هن شعبي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي وئي ته خبر پئي ته پنهنجو T.V چينل کولي، فلمن ڊرامن، ڳائڻ وڄائڻ، موسيقي جي ڌُنن ۽ عورتن جي نمائش کان بچندي 100 فيصد اسلامي مواد فراھم ڪرڻ ڪافي اخراجات جي ڪري مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن ناھي ته اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شُورٰي خوب جدوجهد ڪري رمضانُ المبارڪ 1429ھ سيپٽمبر (2008) کان مدني چينل جي ذريعي گهر گهر سنّتن جو پيغام عام ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان جا حيرت انگيز مدني نتيجا سامهون اچڻ لڳا۔ دعوتِ اسلامي بدعقيدگي ۽ بدعملي جي هن عِفرِيت (يعني بَلا) جو مُقابلو ڪرڻ جي لاءِ مُثبت انداز ۾ ميڊيا جو