Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

بادشاهه دنيا جي رنگينين ۾ مصروف ٿي چڪو هو، ان جي هن عظيمُ الشّان محل ۾ هر طرح جا موسيقي جا اوزار ۽ لهو و لعب جو سامان هو. اهو هر وقت دنياوي واهيات ڳالهين ۾ مڱن رهندو. انهن مشغلن بادشاھ کي ڊگهين اميدن جي تباهه ڪار باطني بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن ان پنهنجي خاص وزيرن، مُشيرن ۽ عزيزن کي گهرائي چيو؛ توهان هن عظيمُ الشّان محل ۾ منهنجون خوشيون ڏسي رهيا آهيو، ڏسو! آئون هتي ڪيترو سڪون ۾ آهيان، آئون چاهيان ٿو ته پنهنجي پُٽن جي لاءِ به اهڙو ئي عظيمُ الشّان محلّ ٺهرايان، توهان ڪجهه ڏينهن مون وٽ ترسو، خوب عيش ڪريو ۽ وڌيڪ محلّ ٺهڻ جي باري ۾ فائديمند مشوره ڏيو، ته جيئن آئون پنهنجي پُٽن جي لاءِ بهترين محلّ ٺهرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان. جيئن ته اهي ماڻهو ان وٽ رهڻ لڳا، هڪ رات بادشاهه سميت سڀ ماڻهو راند روند ۾ مشغول هئا ته محل ۾ ڪنهن پاسي کان هڪ غيبي آواز سڀني کي ڏڪائي ڇڏيو، ڪير چوڻ وارو چئي رهيو هو؛

”اي پنهنجي موت کي وساري عمارت ٺهرائڻ وارا! ڊگهيون ڊگهيون اميدون ڇڏي ڏي، ڇو ته موت لکجي چڪو آهي. ماڻهو چاهي پاڻ کلن يا ٻين کي کلائن، بهرحال موت ان جي لاءِ لکيو ويو آهي ۽ تمام وڌيڪ اميد رکڻ واري جي سامهون تيار بيٺو آهي. اهڙا محل هرگز نه ٺهراء، جنهن ۾ تون کي رهڻو ئي ناهي، تون عبادت ۽ رياضت اختيار ڪر ته جيئن تنهنجا گناهه معاف ٿي وڃن“

ان غيبي آواز بادشاهه ۽ ان جي سڀني ساٿين کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، بادشاهه پنهنجي دوستن کي چيو؛ جيڪو غيبي آواز مون ٻڌو ڇا توهان به ٻڌو؟ سڀني گڏجي هڪ آواز ۾ چيو؛ جي ها! اسان به ٻڌو آهي. بادشاهه چيو؛ جيڪا شيء مان محسوس ڪري رهيو آهيان ڇا توهان به محسوس ڪري رهيا آهيو؟ پڇيو؛