Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

 

فرمائيندو جو ان کان بهتر ثواب ڪنهن جي لاءِ به نه هوندو. (جمع الجوامع، ج. 7، ص. 209، حديث 22454) تنهنڪري توهان به پابندي سان مدني حلقي ۾ شرڪت جي نيّت فرمائي وٺو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جون تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجهه سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريا ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوّت، مصطفيٰ جانِ رحمت، شمع بزمِ هدايت، نوشهء بزمِ جنّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (ابن عساڪر، ج. 9، ص. 343)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا         جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

اچو!شيخِ طريقت اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ”163 مدني گل“ مان پاڻي پيئڻ جا ڪجهه مدني گل ٻُڌون ٿا:

مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ٻه فرمان: اُٺ وانگر هڪ ئي ساهه ۾ نه پيو، بلڪه ٻه يا تي مرتبه (ساهه کڻي) پيو ۽ پيئڻ کان پهرين بسم الله پڙهو ۽ فارغ ٿيڻ تي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه  چوندا ڪريو (ترمذي ج 3 ص 352 حديث 1892) نبيِّ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٿانو ۾ ساهه کڻڻ يا ان ۾ ڦوڪڻ کان منع فرمايو آهي.

 (ابو داؤد ج 3، ص 474، حديث: 3728)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد