Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

وٽ ان جو اچڻ وڃڻ، عيب ۽ بدنامي آهي ۽ (2) بي وقوف ماڻهو سان به ڀائيچارو نه ڪر جو اهو پاڻ کي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيندو ۽ توکي ڪڏهن به نفعو نه پهچائيندو ۽ ڪڏهن اهو ٿيندو ته تو کي نفعو پهچائڻ چاهيندو پر ٿيندو ائين جو توکي نقصان پهچائي ڇڏيندو. ان جي خاموشي ڳالهائڻ کان بهتر آهي ۽ ان جي دوري  ويجهائي کان بهتر آهي ۽ (3) ڪوڙي سان به ڀائيچارو نه رک ڇوته ان سان گڏ معاشرو توهان کي فائدو نه ڏيندو، تنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائيندو ۽ ٻين جي تو کي ٻُڌائيندو ۽ جيڪڏهن تو سچ ڳالهائيندي تڏهن به اهو سچ نه ڳالهائيندو.

حضور داتا گنج بخش حضرت سيّدنا علي بن عثمان هجويري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”نفس جي عادت آهي ته اهو پنهنجي ساٿين کان راحت حاصل ڪندو آهي ۽ جنهن قسم جي ماڻهن جي صحبت اختيار ڪئي وڃي، اهو انهن ئي جي خصلت ۽ عادت اختيار ڪري وٺندو آهي، ايستائين جو ”باز“ ماڻهو جي صحبت ۾ سُڌري ويندو آهي، طوطو ماڻهو جي سکائڻ سان ڳالهائڻ لڳندو آهي، گهوڙو پنهنجي وحشياڻي عادت ڇڏي فرمانبردار بڻجي ويندو آهي. هي مثال ٻُڌائن ٿا ته صحبت جو ڪيترو اثر ۽ غلبو هوندو آهي ۽ هي ڪيئن عادتن کي بدلائي ڇڏيندي آهي، اهو ئي حال تمام صحبتن جو آهي.“ (ڪنزالعمال، ج. 9، ص. 75، حديث. 25571) معلوم ٿيو ته ”صحبت“ انسان کي نيڪ ۽ بد بنائڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪندي آهي. سٺي صحبت لاءِ سٺو ماحول هئڻ ضروري آهي، سٺي ماحول سان وابسته ٿيڻ تي ظاهر ۽ باطن جي اصلاح ٿيندي آهي.

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هن دور ۾ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول الله عَزَّوَجَلَّ جي تمام وڏي نعمت آهي، تنهنڪري توهان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان