Book Name:Lambi Umeedon kay Nuqsanat

جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ جي وعيد کان ڊڄي ٿو، اهو پري کي به ويجهو خيال ڪري ٿو، ۽ جيڪو ڊگهين اميدن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي اهو بد اعماليءَ جو شڪار ٿي ويندو آهي. (منهاج العابدين، ص. 81)

ٽئين آزمائش: ڊگهي اميد جي سبب نيڪي ڪرڻ دشوار ٿي ويندو آهي، جيئن ته حضرت يحيٰ بن معاذ رازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو؛ ”دنيا جون اميدون“ انسان کي هر نيڪ ڪم کان ڪٽي ڇڏيندون آهن، ”طمع ۽ لالچ“ هر حق کان انسان کي روڪي ڇڏي ٿو. ”صبر“ ڀلائي  جي طرف رهنمائي ڪندو آهي ۽ ”نفسِ امّاره“ شر ۽ برائيءَ جي طرف گهرائيندو آهي. (منهاج العابدين، ص. 81)

چوٿين آزمائش: ڊگهي اميد توبهه ۾ ٽال مٽول جو عادي بڻائي ڇڏيندي آهي، جنهن سبب دل ۾ هي خيال پيدا ٿين ٿا؛ ”هاڻي توبهه ڪري وٺندس، هاڻي ڪافي وقت آهي، مان اڃا جوان آهيان، مان اڃا گهٽ عمر آهيان، توبهه هر وقت منهنجي اختيار ۾ آهي، جڏهن چاهيندس، ڪري وٺندس“ (منهاج العابدين، ص. 81)

پنجين آزمائش: ڊگهين اميدن ۾ مبتلا ٿيڻ سبب دل سخت ٿي ويندي آهي، پوءِ نيڪي جو جذبو گهٽ ٿيندو ويندو آهي، گناهن جي ڪثرت وڌي ويندي آهي، حرص ۽ لالچ ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، دل آخرت جي فڪر کان غافل ٿي دنياوي عيش ۽ آرام جي عادي بڻجي ويندي آهي. (منهاج العابدين، ص. 82)

ڇهين آزمائش: ڊگهي اميد انسان کي موت کان غافل ڪري ڇڏيندي آهي، جيئن ته روايت آهي نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٽي ڪاٺيون کنيون، هڪ پنهنجي سامهون کوڙي، ٻئي ان جي برابر ۾ جڏهن ته