Book Name:Husn-e-Zan ki Barkatain

بِسمِ الله،  جنهن ۾ بسمِ الله پڙهڻ جا فضائل، جنّات کان سامان جي حفاظت جو طريقو وغيره  مختلف موضوئن تي مشتمل آهي. فيضانِ سنّت جو ٻيو باب ”آدابِ طعام“جنهن ۾ کائڻ جون سنّتون ۽ آداب سان گڏوگڏ هٿ سان کائڻ جا طِبّي فائده، ٽيڪ لڳائي کائڻ جا طِبّي نقصانات، جنّات ليمن کان گهٻرائيندا آهن، مرحوم نگرانِ شورٰي حاجي محمد مشتاق عطاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جي مختصر حالاتِ زندگي ۽ جانشينِ اميرِ اهلسنّت، شهزاده عطار، ابو اُسيد حضرت مولانا عبيد رضا عطاري مدني مُدَّظِلُّہُ العَالِی جن کي اميرِ اهلسنّت جي طرفان سان لکيل هڪ مڪتوب (خط) وغيره تي مشتمل آهي. فيضانِ سنّت جلد اوّل جو ٽيون باب ”پيٽ جو قفلِ مدينه“جنهن ۾ بُک جي فضائل سان گڏوگڏ 52 حڪايتن تي مشتمل آهي. فيضانِ سنّت جلد اوّل جو چوٿون باب ”فيضانِ رمضان“ فضائلِ رمضان سان گڏوگڏ تراويح، ليلة القدر، اعتڪاف، عيد الفطر جا فضائل ۽ نفلي روزن جا فضائل، روزي دارن جون حڪايتون ۽ اعتڪاف ڪرڻ وارن جون 41 مدني بهارون تي مشتمل آهي. فيضانِ سنّت جلد اوّل کي تمام آسان انداز ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن گهٽ پڙهيل لکيل اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون به آساني سان سمجهي سگهن. فيضانِ سنّت جلد اوّل مبلغين ۽ مبلغات سان گڏوگڏ علماء واعظين، خطباء ۽ مقررين، مصنفين وغيره جي لاءِ به فائديمند آهي. فيضانِ سنّت جلد اوّل جو جيڪو خوشنصيب اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ گهٽ ۾ گهٽ 40 ڏينهن روزانو 2 درس ڏئي ان جي لاءِ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي طرفان هن پوري ڪتاب جو ايصالِ ثواب ڪيو ويو آهي. فيضانِ سنّت جلد اوّل مڪتبة المدينه تان هديةً حاصل ڪري سگهجي ٿو.۽ هن ڪتاب جو مختلف زبانن ۾ ترجمو به ٿي چڪو آهي، فيضانِ سنّت جلد اوّل دعوتِ اسلامي جي