Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

نڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. اڄڪلهه عشق مجازي جي خوب هوا هلي رهي آهي، هن جو سڀ کان وڏو سبب اڪثر مسلمانن ۾ اسلامي معلومات جي گھٽتائي ۽ ديني ماحول کان دوري آهي، انهيءَ ڪري هر پاسي گناهن جو سيلاب اچي چڪو آهي! T. V،V.C.R ، ۽ انٽرنيٽ وغيره ۾ عِشۡقِيه فلمون ۽ فِسۡقِيه ڊرامن کي ڏسي يا عشق بازين تي مبالغه آميز اخباري خبرون، ۽ ناولن، بازاري ماهنامن، ڊائجسٽن ۾ فرضي افسانن کي پڙهي يا ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي مَخلوط (جتي ڇوڪرو ڇوڪري گڏ هجن اهڙن) ڪلاسن ۾ ويهي، يا نامَحرم رشتيدارن سان ملي پاڻ ۾ بي تڪلفيءَ واري راهه تي هلڻ سان اڪثر نوجوانن کي ڪنهن نه ڪنهن سان عِشق ٿي ويندو آهي، پهرين هڪ طرفان ٿيندو آهي پوءِ جڏهن فريق اول، فريق ثانيءَ کي ٻڌائيندو آهي ته بعض اوقات ٻه طرفا ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ عموماً گناهه ۽ نافرمانين جو طوفان اچي ويندو آهي، فون تي دل کولي بي شرمانه ڳالهيون بلڪ بي حجاب ملاقاتن جا سلسلا ٿيندا آهن، خطن ۽ تحفن جا تبادلا ٿيندا آهن، شادي جا خُفيه قول ۽ قرار ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن گھر وارا ديوار بڻجن ته ڪڏهن ٻئي فرار ٿي ويندا آهن، ان کان پوءِ اخبار ۾ اِشتِهار ڇپبا آهن، خاندان جي عزت، آبرو سرِ عام نيلام ٿيندي آهي، ڪڏهن ”ڪورٽ ميرج“ جي ترڪيب ٺهندي آهي ته ڪڏهن مَعَاذالله ائين ئي بنا نڪاح جي۔۔۔۔۔ ۽ اهڙن بي رحم انسانن جي ناجائز ٻارن جا لاش ڪچري ڪنڊي (يعني گندگي جي ڍير) ۾ ملندا آهن، ۽ ائين به ٿيندو آهي جو ڀڄي نه سگھن ته خودڪُشيءَ جي راهه ورتي ويندي آهي جنهن جون خبرون اخبار ۾ تقريباً روزانو شايع ٿينديون رهنديون آهن .