Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

ٿيڻ جي ترغيب ڏيندو آھي۔“   (فیض القدیر،حرف الھمزۃ،۳ /۱۰۲ ،تحتَ الحدیث ۲۷۹۵ملخصاً)

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي شيطان جي ڄار ۽ شَہۡوت جي وبال کان بچڻ جي لاءِ اجنبي مَرۡد ۽ عَورت جو هڪ ٻي کان پردو ڪرڻ ۽ پنهنجي نِگاہن جي حِفاظت ڪرڻ نہايت ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو شَہۡوت پهريان مَرۡد ۽ عَورت جي دل ۾ هڪ ٻي جي قربت جو شوق ئي پيدا ڪندي آهي، قُرب حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڳالھ ٻولھ جا سلسلا جاري ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ اها ئي ڳالھ ٻولھ اڳتي هلي ڪري هڪ ٻي سان مذاق مسخري ۽ بي تڪلُّفيءَ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، جيڪڏهن پهريان عشقِ مجازيءَ جو جنون مٿي تي سُوار نه به ہجي يا ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي دل ۾ ئي عشق پيدا ٿيو هجي، ڪنهن جهجڪ جي سبب اُن جو اِظہار نه ڪيو ويو هجي، ته ان بي تڪلُّفيءَ کان پوءِ ته عُمُومًا عشق ٿي ئي ويندو آهي ۽ ان جو اِظہار به با آساني ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ هڪ طرفه عشق، ٻه طرفه ٿي ڪري ڪهڙين ڪهڙين آفتن ۽ گُناہن ۾ مبُتلا ڪندو آهي، ان جو ہر عقلمند اندازو ڪري سگھي ٿو۔ اچو ته عشق ِمجازي جي آفتن ۽ حضرت سَيدُنا يوسُف عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي طرف عشقِ مجازيءَ جي نسبت ڪرڻ جي غَلَط فہمي دُور ڪرڻ جي باري ۾  شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت، بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي تحرير ڪيل 616 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”نيڪي جي دعوت“ جي صفحي 40 کان 43 مان ڪجھ ٻُڌون ٿا: جيئن ته،

      شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه عشق مجازيءَ جون تباھ ڪاريون بيان ڪندي فرمائن ٿا ته عشق مجازيءَ جو اهڙو عجيب و غريب معاملو آهي عام طور جيڪو هڪ ڀيري ان جي وڪڙ ۾ اچي وڃي، ان جو ان مان بچي