Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

تبليغِ قرآن و سنّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ، دعوتِ اسلامي جي مُبَلّغين ماڻهن جي اِصۡلاح جي لاءِ مختلف شُعبه جات ۾ نُمايان طور تي مدني ڪم ڪيو، اُتي پاڻ دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي توجّھ ۽ مدني سوچ جي تحت دعوتِ اسلامي جي مجالس مان هڪ اهڙي مجلس جي شعبه جات مان هڪ شعبو بنام ”مجلسِ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه“  جو اِضافو به ڪيو ويو آهي، ان مجلس جا ذِمه داران، پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڏکايل اُمّت جي غمخواري جي مُقَدَّس جذبي جي تحت، رِضائي الٰہي جي حصول جي نِيت سان پنهنجي پنهنجي شعبي سان متعلقه مدني ڪمن ۾ مصروف آهن۔     اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ       ربيعُ الاخر 1433ھ بمُطابِق مارچ 2012 تائين مجلسِ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطاريه جي تحت پاڪستان جي چارن صوبن جي سوَين شہرن ۾ ڪم و بيش 600 جي قريب بستن سان گڏوگڏ پاڪستان کان ٻاہر، بيرونِ ملڪ 150 کان وڌيڪ مقامن، جن ۾ ساؤٿ افريقه، ڪينيڊا، افريقه (ممباسا، تنزانيہ، يوگنڊا)، ماريشس، انگلينڊ (بريڊ فورڊ، برمنگھم) امريڪه، اسپين، يونان، عَرَب شريف، عَرَب اَمارات، ڪويت، عُمّان، ہانگ ڪانگ، ساؤٿ ڪوريا ۽ انڊيا (جا تقريباً 70شہر) شامل آهن، ۾ تعويذاتِ عطاريه جي بستن تي سوَين اسلامي ڀائر (جن کي مجلسِ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطاريه جي طرف کان اجازت ۽ تَرۡبِيت حاصل آهي) ڏکايل اِنۡسانِيت جي غمخواري ڪندي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن کي فروغ ڏيڻ ۾ مصروف آهن۔ ہر مہيني تقريبًا هڪ لَک پنجويھ ہزار (1,25,000) مريضن کي 4 لَک کان وڌيڪ تعويذات ۽ اورادِ عطاريہ ڏنا ويندا آهن۔