Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

جي ڊگھين راتين ۾ قيام ۽ گرمين جي وڏن ڏينهن ۾ روزا، اللہ تَعاليٰ جي لاءِ مَحَبَّت ڪرڻ، ان جي خاطر دُشمني رکڻ، ان جي خاطر ڪنهن کي ڪجھ ڏيڻ ۽ ان جي خاطر ڪنهن کان روڪي وٺڻ، نعمت تي شڪر، مُصيبت ۾ صبر، ہر حال ۾ خُدا تي تَوڪل ڪرڻ، پنهنجي ہر مُعاملي کي اللہ تَعاليٰ جي سپرد ڪري ڇڏڻ، اَحڪام اِلٰہي تي عمل جي لاءِ ہر وَقۡت تيار رہڻ، دل کي غير جي مَحَبَّت کان پاڪ رکڻ، اللہ تَعاليٰ جي محبوبن سان مَحَبَّت ۽ اللہ تَعاليٰ جي دُشمنن سان نفرت ڪرڻ، اللہ تَعاليٰ جي پيارن جو نياز مند رہڻ، اللہ تَعاليٰ جي سڀ کان پياري رسول ۽ محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي دل ۽ جان سان محبوب رکڻ، اللہ تَعاليٰ جي ڪلام جي تلاوت، اللہ تَعاليٰ جي مُقرَّب ٻانهن کي پنهنجي دلين جي قريب رکڻ، اِن سان مَحَبَّت رکڻ، مَحَبَّتِ الٰہي ۾ اضافي جي لاءِ ان جي صُحبت اختيار ڪرڻ، اللہ تَعاليٰ جي تعظيم سمجھندي انهن جي تعظيم ڪرڻ، اهي تمام اُمُور ۽ ان کان علاوہ سَوَين ڪم اهڙا آهن، جيڪي مَحَبَّتِ الٰہي جي دليل به آهن ۽ ان جا تقاضا به آهن۔

(تفسيرصِراطُ الجنان،ص۲۶۴)

        اميرِ اہلسنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابُوبلال محمد الياس عطار قادِري رضوي، ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه بارگاھ خُداوندي ۾ عرض ڪن ٿا:

مُشکلوں میں دے صبر کی توفیق

اپنے غم میں فقط گُھلا یا رَبّ

 (وسائلِ بخشش،ص۸۰)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

      مڪتبة المدينه جي مطبوعه ڪتاب ”اللہ والوں کی باتیں“ ۾ هڪ اهڙي حديثِ پاڪ لکيل آهي، جنهن کي ٻُڌي ڪري گناہگارن جي اميد وڌي ويندي آهي ۽