Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

نه زِيادہ طويل آهي نه ئي تمام مختصر، بلڪه متوسط ۽ جامع آهي ﴿5تفسير صِراطُ الجنان ۾ حتي الاِمڪان آسان انداز اختيار ڪيو ويو آهي ته جيئن عام اسلامي ڀائر به ان مان فائدو حاصل ڪري سگھن ﴿6 تفسير صِراطُ الجنان ۾ اعمال جي اِصلا ح جي لاءِ مُعاشرتي بُرائين جو تذڪرو ۽ معاشرتي برائين جا عذابَ بيان ڪيا ويا آهن ﴿7 تفسير صِراطُ الجنان ۾ جنّت جي اِنعامات جي حصول جي ترغيب ۽ جہنم جي عذابن جي ترہيب موجود آهي ﴿8 تفسير صِراطُ الجنان ۾ باطني امراض جي متعلق به ڪنهن حد تائين ڪلام ڪيو ويو آهي ﴿9 تفسير صِراطُ الجنان ۾ والدين، رِشتي دارن، يتيمن، پاڙيسرين وغيرہ سان چڱو سلوڪ ڪرڻ ۽ صِلهء رحمي ڪرڻ جي متعلق  به اِصلاحي مواد موجود آهي ﴿10 تفسير صِراطُ الجنان ۾ عقائدِ اہلسنّت ۽ معمولاتِ اہلسنّت جي دلائل سان گڏ وضاحت ڪئي وئي آهي ﴿11 تفسير صِراطُ الجنان ۾ موقعي جي مناسبت سان حضورِ  پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان ۽ اولياءِ عِظام جي سِيرت ۽ واقعات به ذِڪر ڪيا ويا آهن ﴿12 تفسير صِراطُ الجنان ۾ آيتن مان حاصل ٿيڻ وارن رنگ برنگي، مختلف ۽ نَرالي خوشبوئن وارا مدني گُل به موجود آهن۔

محبتِ اِلٰہي سان معمور جيڪا آيت اسان ٻُڌي، ان جي متعلق تفسير صِراطُ الجنان ۾ آهي،

      اللہ تَعاليٰ جا مقبول ٻانها، سموري مخلوق کان وڌيڪ اللہ تَعاليٰ سان مَحَبَّت ڪندا آهن۔ مَحبتِ اِلٰہي ۾ جيئڻ ۽ مَحبتِ الٰہي ۾ مرڻ، ان جي زِندگي جو مَقصد ہوندو آهي۔ پنهنجي ہر خوشي تي پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا کي ترجيح ڏيڻ، نرم ۽ آرامده بسترن کي ڇڏي ڪري بارگاھِ نياز ۾ سر بَسجود ٿيڻ، يادِ الٰہي ۾ روئڻ، رِضاءِ الٰہي جي حُصُول جي لاءِ تڙپڻ، سردين