Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

سيپاري 2 سُوۡرَۃُ الۡبَقَرہ     جي آيت 165 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِلّٰہِ ؕ

(۲،البقرۃ،۱۶۵)

 

تَرۡجَمو ڪنز الايمان: ۽ ايمان وارن کي اللہ جي برابر ڪنهن جي مَحَبَّت ناهي.

      ان آيت مبارڪه جي تحت تفسير ”صِراطُ الجنان، جلد1، صفحي 264 تي تمام ئي  پياري انداز ۾ مدني گُل بيان ڪيا ويا آهن، اچو ته اسان به ٻُڌون، پر بيهو! پہريان آئون توهان کي تفسير صِراطُ الجنان  جي بي شمار خوبين مان ڪجھ خوبيون عرض ڪريان ٿو ته جيئن اسان جو شوق وڌي ۽ اسان هن تفسير کي فجر جي مدني حلقي ۾ ٻُڌون يا پڙهي ٻُڌايون يا وري اِنفرادي طور تي پڙھڻ جي سعادت حاصل ڪري دُنيا ۽ آخرت جي برڪتون ماڻيون۔

﴿1 تفسير صِراطُ الجنان  ۾ ہر آيت جا 2 ترجما ڏنا ويا آهن، هڪ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪنزالايمان مان، ٻيو ترجمو آسان اُردو ۾ ڪنزُالعرفان جي نالي سان ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ اڪثر ڪري ڪنزالايمان مان ئي اِستفاده ڪيو ويو آهي۔ ﴿2 تفسير صِراطُ الجنان  ۾ قابلِ اعتماد علماءِ ڪرام جي قديم ۽ جديد قرآني تفاسير ۽ ٻين اسلامي عُلوم تي لکيل ڪتابون بالخصوص  اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه    جي لکيل، ڪثير ڪتابن مان ڪلام اَخذ ڪري آسان انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي ﴿3 تفسير صِراطُ الجنان ۾، تفسير خزائنُ العرفان ۽ تفسير نورُالعرفان جو فيضان آهي، تفسير خزائنُ العرفان، خليفه اعليٰ حضرت،صدرُالافاضل سيد، حافظ، حڪيم مُفتي نعيمُ الدّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جي ۽ تفسير نورُالعرفان اِن جي خليفي، مُفسرِ شہير، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يارخان نعيمي  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي آهي ﴿4 تفسير صِراطُ الجنان