Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

منهنجي مَحَبَّت جو دعويٰ ڪيو ٿئي۔ پوءِ مون دُنيا پيدا ڪئي ته نوّي فيصد (90%) ڀڄي ويا ۽ ڏھ فيصد (10%) باقي رہجي ويا۔ پوءِ مون جنّت پيدا ڪئي ته بقيه مان به نوّي فيصد (90%) ڀڄي ويا ۽ صرف ڏھ فيصد (10%) بچيا۔ پوءِ جڏهن مون انهن تي ذرّي برابر آزمائش نازل ڪئي، ته ان باقي رہڻ واري تعداد جو به صرف ڏھ فيصد (10%) بچيا ۽ باقي نوّي فيصد (90%) ڀڄي ويا۔ مون باقي رہڻ وارن کان پُڇيو: ”نه ئي توهان دُنيا کي چاہيو، نه جنَّت طلب ڪئي، نه ئي آزمائش کان ڀڄيا۔ آخر! توهان ڇا چاهيو ٿا؟ ۽ توهان جو مقصود ڪير آهي؟ ”ته اُنهن عرض ڪيو: ”اسان جو مقصود تُون ئي تُون آهين، جيڪڏهن تُون اسان تي مُصيبتون نازل فرمائيندي، تڏهن به اسان تنهنجي مَحَبَّت کي نه ڇڏينداسين۔ ”انهن کي چيو ويو: ”توهان کي اهڙي اهڙي مُصيبتن ۽ آزمائشن ۾ مبُتلا ڪيو ويندو جو پہاڙن کي به جن جي برداشت جي طاقت ناهي، ته ڇا توهان ان تي صبر ڪندؤ؟ ”اُنہن عرض ڪيو: ”ڇو نه موليٰ ! جيڪڏهن تُون آزمائش ۾ مبتلا ڪرڻ وارو آهين، ته جيئن چاهين اسان کي آزماءِ ۔ ”(پوءِ فرمايو:) اي سري! اهي ئي منهنجا حقيقي ٻانها ۽ سچا محبوب آهن۔“ (حکایتیں اور نصیحتیں، ص۲۵۶)

        مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جا نيڪ ٻانها ہر حال ۾ صَبۡر ۽ شڪر جو مُظاہَرو ڪندي، ان جي رِضا تي راضي رہندا آهن ۽ ڪڏهن به زبان تي حرفِ شِڪايت نه آڻيندا ناهي، اهي ئي ماڻهون اللہ عَزَّوَجَلَّ جا سچا محبوب آهن۔ اسان کي گھرجي ته اسان به اللہ عَزَّوَجَلَّ جي مَحَبَّت حاصل ڪرڻ جي لاءِ، ان جي طرف کان ملڻ واري آزمائشن تي صَبۡر جي عادت بڻايون، ايمان وارن کي اللہ عَزَّوَجَلَّ سان جهڙي مَحَبَّت ہوندي آهي، اچو ته! ٻُڌون. جيئن ته