Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

َلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ! قرآن جي تعليمات کي شہرن سان گڏوگڏ اطراف جي ڳوٺن ۾ وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ 15 روزہ رہائشي ڪورس پاڪستان جي مختلف شہرن ۾ شروع ٿي چڪا آهن ۽ آيندہ ان جو سلسلو مزيد شہرن ۾ به وڌايو ويندو۔

  اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ

یہی ہے آرزُو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے

تلاوت کرنا صُبح و شام میرا کام ہو جائے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان به قرآن جي تعليم سکڻ سيکارڻ جي لاءِ  مدرسةُ المدينه بالغان ۾ پڙهڻ يا پڙھائڻ جي لاءِ تشريف کڻي اچو۔

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مدرسةُ المدينه بالغان ۾ شرڪت جون وڏيون برڪتون آهن۔ قرآنِ ڪريم جي تعليم سان گڏوگڏ شرعي مَسائل ۽ ڪجھ فرض علوم سکڻ جو موقعو به  ملندو آهي۔

نبي ڪريم، رؤوۡفُ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مَسائل سکڻ جي حوالي سان فضيلت بيان ڪندي ارشاد فرمائن ٿا: افضل عِبادَت دِين جا مَسائل سکڻ آهي ۽ افضل دِين شُبہات کان بچڻ آهي۔ (الترغیب والترھیب ج۱ص ۵۰)  جيڪو شخص علم جي طلب ۾ رہندو آهي،اللہ عَزَّوَجَلَّ ان جي رِزۡق جو ضامن آهي۔ 

(کنز العُمّال ج۱۰ ص۶۰ ،حدیث:۲۸۶۹۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان به قرآنِ ڪريم کي دُرُسۡت مَخارج سان پڙهڻ ۽ ضروري  شَرعي مَسائِل سکڻ جي لاءِ مدرسةُ المدينه بالغان ۾ پابندي سان شرڪت جي عادت بڻايو، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون۔ مدرسةُ المدينه بالغان ۾ شرڪت جو ذوق ۽ شوق پيدا ڪرڻ جي لاءِ اچو ته! هڪ مدني بہار سماعت ڪريون ۔