Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

آهي، نماز، سنّتون ۽ دعائون به ياد ڪرايون وينديون آهن۔ مدرسةُ المدينه بالغات ۾ اسلامي ڀينرن کي اسلامي ڀينرون گھرن ۾ اجتماعي طور تي في سبيل اللّٰه قرآن پڙھائينديون آهن ۽ اسلامي ڀينرن کي نماز، دُعائون ۽ انهن جا مخصوص مسائل وغيرہ سيکارينديون آهن۔ مدرسةُ المدينه للبنين آن لائن ۾ قاري صاحبان مدني منن ۽ وڏن کي به انٽرنيٽ جي ذريعي قرآنِ پاڪ پڙھائيندا، سنّتون سيکاريندا ۽ دعائون ياد ڪرائيندا آهن۔ مدرسةُ المدينه للبنات آن لائن ۾ اسلامي ڀينرون، اسلامي ڀينرن کي انٽرنيٽ جي ذريعي دُرست ادائيگي سان گڏ قرآنِ ڪريم پڙھائينديون ۽ ان جي سنّت جي مطابق تربيت ڪنديون آهن۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ ڪم و بيش 83 ملڪن ۾ طلبه ۽ طالبات انٽرنيٽ جي ذريعي قرآنِ ڪريم  جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تحت پوري دنيا ۾ هن وقت مدرسةُ المدينه جون ڪُل 2420 شاخون قائم آهن، جن ۾ ڪم و بيش 112116 (هڪ لک، ٻارنهن ہزار، هڪ سو سورنهن) مدني منّا ۽ مدني منيون قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظرہ جي مفت تعليم حاصل ڪري رہيا آهن۔ پاڪستان ۾ مدرسةُ المدينہ جون 2277 شاخون ۽ ان ۾ ڪم و بيش 104228 (هڪ لک چار ہزار ٻه سو اٺاويھ) مدني منّا ۽ مدني منيون جڏهن ته بيرونِ ملڪ 143شاخن ۾ ڪم و بيش 7888(ست ہزار، اَٺ سو اٺاسي) مدني منا ۽ مدني منيون قرآنِ پاڪ جي تعليم حاصل  ڪري رہيا آهن۔

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مدرسةُ المدينه بالغان ۽ بالغات ۾ 12 ہزار کان وڌيڪ طلبه ۽ طالبات في سبيل اللّٰه قرآنِ ڪريم جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن۔

ا