Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

وَلي ۾ حُلُول ڪري ويندو آهي، جيئن ڪوئلي ۾ باھ يا گُل ۾ رنگ ۽ بُو، جو خدا تَعاليٰ حُلُول کان پاڪ آهي ۽ هي عقيدو ڪفر آهي بلڪه ان جا ڪجھ مطلب آهن هڪ هي ته وَلي ُ الله جا هي اَعۡضاء، گُناھ جي لائق ناهين رہندا، ہميشه ان کان نيڪ ڪم ئي سرزد ٿيندا آهن، ان تي عبادتون آسان ٿي وينديون آهن، ڄڻ ته سموريون عبادتون ان سان آئون ڪرائي رہيو آهيان يا هي ته پوءِ اهو ٻانهو ان عضوَن کي دُنيا جي لاءِ استعمال ناهي ڪندو، صرف منهنجي لاءِ استعمال ڪندو آهي، ہر شيءِ ۾ مون کي ڏسندو آهي، ہر آواز ۾ منهنجي آواز ٻُڌندو آهي، يا هي ته اهو ٻانهو فَنا فِي الله ٿي ويندو آهي، جنهن سان خُدائي طاقتون  ان جي عضوَن ۾ ڪم ڪنديون آهن ۽ اهو اهڙا ڪم ڪري ڇڏيندو آهي جيڪي عقل کان وَراء (سمجھ ۾ نه اچڻ وارا) آهن، حضرت (سَيدُنا) يعقوب عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جن ڪنعان ۾ ويهي مِصۡر کان هليل قميصِ يوسُفي جي خُوشبو سُونگهي ورتي، حضرت (سَيدُنا) سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام  جن ٽي (3) مِيل جي فاصلي کان ماڪوڙي جي آواز ٻُڌي ورتي، حضرت آصِف بن بَرخيا جن اَک ڇنڀ کان پہريان يمن کان تختِ بلقيس آڻي ڪري شام ۾ حاضر ڪري ڇڏيو۔ حضرت (سَيدُنا) عمر (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) جن مدينهء مُنوَّرہ کان خُطبو پڙھندي نَہاوند تائين پنهنجي آواز پہچائي۔ حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن قيامت تائين جا واقعات بچشم مُلاحَظه فرمائي ورتا۔ هي سڀ اِنهيءَ طاقت جا ڪرشما آهن۔ (مرآۃ المناجيح، ۳/۳۰۸)

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڪاش اسان فرائض جي پابندي سان گڏوگڏ، نفلي عبادتن جا به پابند ٿي وڃون۔ ڪاش! فرض روزن سان گڏوگڏ اسان نفلي روزا مثلاً سومر ۽ جمعرات جا روزو به رکون، ڪاش! خوش دِلي سان پوري پوري زڪوٰة به ڏيون ۽ گڏوگڏ نفلي صدقات به ڏيون، مثلاً مساجد ۽ مدارس