Book Name:Allah عزوجل ki Muhabbat kaisay Hasil ho?

نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان آيت ڪريمه جو خُلاصو بيان ڪندي فرمائن ٿا: اي نبي (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم!) توهان انهن ماڻهن کي فرمائي ڇڏيو، جيڪي توهان جي وسيلي جي بغير اسان جي مَحَبَّت جو دَم ڀرين ٿا يا جيڪي پنهنجو پاڻ کي رَبّ جو پيارو ڄاڻي ڪري توهان کان بي نياز ٿيڻ چاہين ٿا، يا جيڪي توهان جي اطاعت کان سِواءِ ٻين اَسباب سان خُدا تائين پہچڻ چاہين ٿا، انهن سڀني جي لاءِ اعلانِ عام ڪري ڇڏيو ته جيڪڏهن توهان خدا سان مَحَبَّت ڪرڻ چاہيو ٿا ته، نه مون سان مُقابلو ڪريو نه منهنجي برابري جو دَم ڀريو، نه مون کان اڳتي اڳتي هلو، بلڪه غلام بڻجي ڪري منهنجي پويان پويان هلندا اچو، پنهنجا اَقۡوال، اَفۡعال، اَعۡمال، زندگي جي ہر شُعۡبي کي منهنجي مثال بڻايو ۽ مون ۾ فنا ٿي وڃو، پوءِ مُعاملو برعڪس ٿيندو ته رَبّ توهان کي پنهنجو محبوب بڻائي وٺندو ۽ توهان جيڪي چاهيندو، اهو ڪندو، ان سان گڏ هُو توهان جا سمورا گُناھ مُعاف فرمائي ڇڏيندو، ڇو جو اللہ (عَزَّوَجَلَّ) وڏو غَفّار ۽ اَرۡحَمُ الرَّاحمين آهي، توهان پنهنجو پاڻ کي ان جي مغفرت ۽ رحمت جو اہل بڻايو، پوءِ مزو ڏسو۔ (تفسير ِنعيمي،ج۳، ص۳۵۹۔۳۶۰،ملتقطاً) تنهنڪري اسان کي به پنهنجا ڏينهن ۽ رات اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احڪامن جي بجاآوري ۾ گذارڻ  گھرجن، ڇو جو مَحَبَّت جو تقاضو به اهو ئي آهي ته جنهن سان مَحَبَّت ڪئي وڃي،  ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري به ڪئي وڃي۔

مُطِیع اپنا مجھ کو بنا یاالٰہی

 

سدا سُنّتوں پر چلا یاالٰہی

تُو اَنگریزی فیشن سے ہردَم بچا کر

 

مجھے سنّتوں پر چلا یاالٰہی

تجھے واسِطہ سیِّدہ آمِنہ کا

 

بنا عاشقِ مُصطَفٰے یاالٰہی

 

 

(وسائلِ بخشش ،ص۱۰۰،۱۰۱)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد