• khutba bismillah

Personality Websites!

  • About Muhammad صلی اللہ علیہ وسلم
  • Abdul Qadir Jilani رحمۃ اللہ علیہ
  • Imam Ahmed Raza رحمۃ اللہ علیہ
  • Maulana Ilyas Qadri
  • Haji Ubaid Raza
  • Mufti Qasim Attari

Countries Websites

  • Pakistan
  • USA
  • Canada
  • UK
  • Korea
  • Australia
  • Bangladesh

Popular Websites

  • Hajj and Umrah
  • Darul Ifta Ahlesunnat
  • Al Quran Karim
  • Obligatory Knowledge
  • Islamic Sisters
  • New Muslim
  • Special Persons
  • Muslim Funeral
  • Tree Plantation
  • Build Masajid
  • Faizan Online Academy
  • Monthly Magazine
  • Rohani Ilaj
Al Quran Books Madani Channel
dawateislami logo
Magazine Courses Media
Donate
    Donate
    • Home arrow icon
    • Islamic Speeches arrow icon
    • فيضان جشن ولادت arrow icon
    • page 2
    book-logo
    book_icon
    فيضان جشن ولادت
    Share
    close

    Share this link via

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO

    لباس پائي جنّت ۾ داخل ٿيندو، بيشمار محلات ان کي عطا ڪيا ويندا ۽ هر محل ۾ حور هوندي. نبي خيرالانام صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تي گهڻو دُرُود شريف پڙهو. جشنِ ولادت ملهائي ان کي تمام گهڻو عام ڪيو وڃي. (مجموع لطيف النبي في صيغ المولد النبوي القدسي، مولد العروس، ص 281) * حافظُ الحديث امام ابو الخير محمد بن عبدالرحمٰن سخاوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت ملهائڻ وارن تي هن عمل جي برڪتن سان فضلِ عظيم ظاهر ٿيندو آهي. (سبل الهدي والرشاد، الباب الثالث عشر في اقوال العلماء..... الخ، 363،1) حضرت سيّدنا امام احمد بن محمد قسطلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”ولادتِ باسعادت جي ڏينهن ۾ محفل ميلاد ڪرڻ جي فاعدن سان هي امر مُجرَّب (يعني تجربي شده) آهي ته هن سال امن امان رهندو آهي. الله عَزَّوَجَلَّ ان شخص تي رحمت نازل فرمائي جنهن ولادت جي مهيننجي راتين کي عيد بڻائي ڇڏيو.“ (مواهب الدنية، المقصد الاول، ذڪر رضاعة، 148،1). * جَشنِ ميلاد ملهائڻ وارن جي لاءِ بزرگن جي ڪلام ۾ جنّت جي بشارت به آهي جيئن ته شيخ محقق شاهه عبدالحق مُحَدّث دهلوي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ولادت جي رات خوشي ملهائڻ وارن جي جزا هي آهي ته الله تعاليٰ انهن کي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان جَنَّاتُ النَّعِيم ۾ داخل فرمائيندو، مسلمان هميشه کان محفل ميلاد منعقد ڪندا آيا آهن ۽ ولادت جي خوشيءَ ۾ دعوتون ڏيندا، کاڌا پڪرائيندا ۽ خوب صدقا ۽ خيراتون ڏيندا آيا آهن. خوب خوشيءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ دل کولي خرچ ڪندا آهن ۽ پڻ سرڪارمدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي ولادت با سعادت جي ذڪر جو اهتمام ڪندا آهن ۽ پنهنجن گهرن کي سينگاريندا آهن ۽ انهن تمام سٺن ڪمن جي برڪت سان انهن ماڻهن تي الله تعاليٰ جي رحمتين جو نزول ٿيندو آهن. (ماثبت باالسنة ص 74 ملتقطاً) علماء ۽ محدثين جا فرامين: * حضرت سيّدنا امام عبدالرّحمٰن ابن جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن فعل (يعني جشنِ ولادت ملهائڻ) ۾ شيطان جي تذليل ۽ اهل ايمان جي تقويت جي سواءِ ڪجهه ناهي. (سبل الهدي الرشاد، الباب الثالث عشر في اقوال العلماء..... الخ، 363،1) * امام جلال الدين عبدالرحمٰن سيوطي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جشنِ ولادت ملهائڻ وارو ثواب حاصل ڪندو آهي جو ان ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي تعظيم ۽ ولادتِ با سعادت تي خوشي ۽ شادماني جو اظهار آهي. (الحاوي للفتاوي، حسن المقصد في عمل المولد، 222،1) * شارحِ بخاري حضرت سيّدنا احمد بن حجر عسقلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان جي حق ۾ مستحب آهي ته جشنِ ولادت تي اظهارِ شڪر جي لاءِ اجتماع ڪريون. کاڌو کارايون ۽ اهڙي طرح جون ٻيون نيڪيون ۽ اظهار خوشي ۽ سرور آڻيون. (الحاوي للفتاوي، حسن المقصد في عمل المولد، 230،1) * حضرت سيّدنا ابو موسٰي زرهوني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي خواب ۾نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي زيارت ٿي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ميلاد جي خوشي ۾ اهتمام ڪرڻ جي متعلق عرض ڪيو ته سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ فَرِحَ بِنَا فَرِحنَا بِہ (يعني جيڪو اسان کان خوش ٿيندو آهي اسين ان کان خوش ٿيندا آهيون. (سبل الهدي والرشاد، الباب الثالث عشر في اقوال العلماء.... الخ، 363،1) * امير اهلسنّت باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جن جو رسالو ”صبح بهاران“ مان ڪجهه منتخب مدني گل ملاحظه ڪريو: (1) اسان جا پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سومر شريف تي روزو رکي پنهنجي ولادت جو ڏينهن ملهائيندا رهيا. توهان به ياد مصطفٰي ۾ 12 ربيع الاول شريف جو روزو رکو. (2) يارهين جي شام نه ته ٻارهينءَ جي رات غسل ڪيو، ٿي سگهي ته هن عيدن جي عيد جي تعظيم جي نيت سان پنهنجي استعمال جي هرشيءِ ممڪن هجي ته نئي وٺو. (3) جشن ولادت جي خوشي ۾ ڪو به اهڙو ڪم نه ڪيو جنهن سان حقوق العباد ضايع ٿئي. (4) سڀئي اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون جشنِ ولادت جي خوشِ ۾ سنّتن جي مطابق زندگي گذارڻ جي نيّت ڪن. (5) جشن ولادت جي خوشي ۾ مسجدن، گهرن، دڪانن ۽ پنهنجي پاڙي ۾به ساوا ساوا جهنڊا لڳايو، خوب روشني ڪيو، پر بجلي فراهم ڪندڙ اداري سان رابطو ڪري جائز ذريعي سانروشني ڪرڻ جي ترڪيب ڪريو. (6) جلوس ۾ حتي الامڪان با وضو رهو ۽ باجماعت نماز جي پابنديءَ جو خيال رکو. (وڌيڪ معلومات جي لاءِ امير اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطاري قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو صبح بهاران جو مطالعو ڪريو)

    نيڪين تي استقامت پائڻ ۽ سنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو.

     

    zoom-in
    zoom-out
    full screen
    • zoom-in
    • zoom-out
    • full screen
    GO
    footer logo

    Dawateislami is one of the great Islamic organizations in the world.

    Important

    • Social and Welfare
    • Books
    • Islamic Events
    • Magazine
    • Activities
    • Islamic Education

    Mobile Apps

    • Sirat ul Jinan
    • Al Quran ul Kareem
    • Prayer Times
    • Faizan e Hadees
    • Digital Services
    • Kalma & Dua

    Contact Us

    • phone (+92) 21-34921388-93
    • phone (+92) 21-111-25-26-92
    • emial support@dawateislami.net
    • pin location Global Madani Markaz, Faizan-e-Madina, Near Capital Telephone Exchange, Main University Road, Karachi, Pakistan

    ©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami