Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته ويهڻ جون ڪجھ سُنتون۽آداب ملاحظه ڪريون:

* سُرين زمين تي رکو ۽ ٻئي گوڏا اُڀا ڪري ٻنهي ٻانهن کي گوڏن جي چوڌاري ورايو ۽ هڪ هٿ سان ٻئي کي پڪڙيو، ان ريت ويهڻ سنّت آهي، (پر ان دؤران گوڏن تي ڪا چادر وغيره وجهڻ بهتر آهي) (مراٰة المناجيح، ج 6، ص 378)

* پلٿي هڻي ويهڻ به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ثابت آهي۔ * جتي ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ هجي اتي نه ويهو۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب، داناءِ غُيُوب، مُنَزَّهٌ عَنِ الۡعُيُوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ ۾ هجي ۽ ان تان ڇانوَ ختم ٿي وڃي ۽ هو ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ ۾ رهجي وڃي ته ان کي گهرجي ته ان جاءِ تان اٿي وڃي۔ (سنن ابي داود، حديث 4821 ج 4 ص 344) * قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهو۔ (رسائل عطاريه حصو 2 ص 229) * اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن لکن ٿا: پير ۽ استاد جي جاءِ تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ (فتاويٰ رضويه، ج 24 ص 369، 424) * جڏهن به اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگهي اڳتي نه وڌو جتي جڳهه ملي اتي ئي ويهي رهو۔ * جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ويهو توهان جي پيرن کي آرام ملندو۔ (الجامع الصغير، حديث 554 ص 40) * مجلس مان فارغ ٿي ٽي ڀيرا هيءَ دعا پڙهو ته گناهه معاف ٿي ويندا ۽ جيڪو اسلامي ڀاءُ ڀلائي ۽ ذِڪر واري مجلس ۾ پڙهي ته ان جي لاءِ خير تي مهر لڳائي ويندي، اها دعا هي آهي: سُبْحٰنَکَ اللّٰہُمَّ وَ بِحَمْدِکَ لَآ اِلٰـہَ اِلَّآاَنْتَ اَسْتَغْفِرُکَ وَ اَتُوْبُ اِلَیْکَ. ترجمو:تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ اي الله! سڀ خوبيون تنهنجي لاءِ ئي آهن، تو کانسواءِ ڪو معبود ناهي، توکان بخشش گهران ٿو ۽ تو ڏانهن توبهه ڪريان ٿو۔

(سنن ابي داود، حديث 4857 ج 4 ص 347) * جڏهن ڪو باعمل عالم يا متقي شخص يا