Share this link via
Personality Websites!
349944
2634
سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا
جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو ته ويهڻ جون ڪجھ سُنتون۽آداب ملاحظه ڪريون:
* سُرين زمين تي رکو ۽ ٻئي گوڏا اُڀا ڪري ٻنهي ٻانهن کي گوڏن جي چوڌاري ورايو ۽ هڪ هٿ سان ٻئي کي پڪڙيو، ان ريت ويهڻ سنّت آهي، (پر ان دؤران گوڏن تي ڪا چادر وغيره وجهڻ بهتر آهي) (مراٰة المناجيح، ج 6، ص 378)
* پلٿي هڻي ويهڻ به نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان ثابت آهي۔ * جتي ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ هجي اتي نه ويهو۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب، داناءِ غُيُوب، مُنَزَّهٌ عَنِ الۡعُيُوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”جڏهن توهان مان ڪو ڇانوَ ۾ هجي ۽ ان تان ڇانوَ ختم ٿي وڃي ۽ هو ڪجهه اُس ۽ ڪجهه ڇانوَ ۾ رهجي وڃي ته ان کي گهرجي ته ان جاءِ تان اٿي وڃي۔ (سنن ابي داود، حديث 4821 ج 4 ص 344) * قبلي ڏانهن منهن ڪري ويهو۔ (رسائل عطاريه حصو 2 ص 229) * اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن لکن ٿا: پير ۽ استاد جي جاءِ تي انهن جي غير موجودگي ۾ به نه ويهي۔ (فتاويٰ رضويه، ج 24 ص 369، 424) * جڏهن به اجتماع يا مجلس ۾ اچو ته ماڻهن کي اورانگهي اڳتي نه وڌو جتي جڳهه ملي اتي ئي ويهي رهو۔ * جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ويهو توهان جي پيرن کي آرام ملندو۔ (الجامع الصغير، حديث 554 ص 40) * مجلس مان فارغ ٿي ٽي ڀيرا هيءَ دعا پڙهو ته گناهه معاف ٿي ويندا ۽ جيڪو اسلامي ڀاءُ ڀلائي ۽ ذِڪر واري مجلس ۾ پڙهي ته ان جي لاءِ خير تي مهر لڳائي ويندي، اها دعا هي آهي: سُبْحٰنَکَ اللّٰہُمَّ وَ بِحَمْدِکَ لَآ اِلٰـہَ اِلَّآاَنْتَ اَسْتَغْفِرُکَ وَ اَتُوْبُ اِلَیْکَ. ترجمو: ”تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ اي الله! سڀ خوبيون تنهنجي لاءِ ئي آهن، تو کانسواءِ ڪو معبود ناهي، توکان بخشش گهران ٿو ۽ تو ڏانهن توبهه ڪريان ٿو۔
(سنن ابي داود، حديث 4857 ج 4 ص 347) * جڏهن ڪو باعمل عالم يا متقي شخص يا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami