Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

1.               ٿي ڪري حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرف ڊوڙيس ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ قدمن کي بَوسو ڏنم، دل ئي دل ۾ هن ڳالھ تي وڏو حيران به ٿيس ته هي ضعيف شخص ڪير آهي؟ ايتري ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي مَحبوب، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قوتِ باطني ۽ علمِ غيب جي ذريعي منهنجي حيرت ۽ اِسۡتِعۡجاب (تعجب) جي ڪيفيت ڄاڻِ ورتي ۽ مون سان مخاطب ٿي ڪري فرمايو: ”هي ابوحنيفه آهن ۽ تنهنجا امام آهن۔

(کشف المحجوب ،ص،۲۱۶ ضیاء القرآن ملخصاً)

2.       مزيد فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون کي هڪ مُشۡڪل دَرپيش آئي، مون اُن جي حل جي ڪوشِش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيس، اِن کان پهريان به مون تي اهڙي ئي مُشۡڪل آئي هئي، ته مون حَضرَتِ شيخ ابو يزيد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مَزار شَريف تي حاضِري ڏني هئي ۽ منهنجي اها مُشۡڪل آسان ٿي وئي هئي۔ هن ڀيري به مون اِرادو ڪيو ته اُتي حاضِري ڏيان۔ انهيءَ نِيت سان ٽن (3) مهينن تائين اُنهن جي مَزار مُبارَڪ تي چلّه ڪَشي ڪئي، ته جيئن منهنجي مُشۡڪل حل ٿي وڃي۔ (کشف المحجوب، ص۶۵)

3.       حضرت اَبُوالعباس قاسم بن مَهدي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ حُضُورداتا گنج بخش رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِرۡشاد فرمائن ٿا ته اڄ تائين انهن جو مَزار ”مَرۡوَ“ (تُرڪمانستان) ۾ مَوۡجُود آهي ۽ تمام مَشهور ۽ مَعۡروف آهن، ماڻهو اُتي مُرادون گھُرڻ ويندا آهن ۽ وڏيون وڏيون مُشڪلاتون حَل ڪرڻ جي لاءِ انهن کان طالبِ اِمداد (مدد گھُرندا) آهن ۽ اُنهن جي اِمداد ڪئي ويندي آهي، اها ڳالھ تمام مُجَرَّب (يعني ڪيترا ئي ڀيرا آزمائي وئي) آهي۔

(کشف المحجوب،ص۱۶۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد