Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

ان واقعي جي خبر ڏني وئي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان جي والد وٽ سندس صالح پُٽ جي انتقال جي تعزيت جي سلسلي ۾ تشريف وٺي ويا، (تعزيت ڪري وٺڻ کان پوءِ) پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ارشاد فرمايو: توهان مون کي خبر ڇو نه ڏني؟ (جو آئون به ان جي نمازِ جنازہ وغيرہ ۾ شريڪ ٿيان ها) انهن عرض ڪيو: اي اَمِيرُالمُؤمنين (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ)!رات (ڪافي) ٿي چڪي هئي، (تنهنڪري توهان جي آرام جي پيشِ نظر توهان کي ٻڌائڻ مُناسب نه سمجھيو) ته اَمِيرُالۡمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن اِرشاد فرمايو: مون کي ان صالح نوجوان جي قَبر وٽ وٺي هلو، تنهنڪري اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُمر فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۽ اوهان جي ساٿين کي(ان جي) قبر وٽ آندو ويو، ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن ان کي سَڏ ڪيو: اي فُلان! (اللہ عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو:)

وَ لِمَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ جَنَّتٰنِ ﴿ۚ۴۶﴾ (پارہ۲۷،الرحمن:۴۶ )

ترجَمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪو پنهنجي رَبّ جي حضور بيهڻ کان ڊڄي ان جي واسطي ٻه جنّتون آهن۔

ان (باعمل) نوجوان قبر جي اندر کان ٻه (2) ڀيرا جواب ڏنو: يا اميرَالمؤمنين! منهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ مون کي اُهي ٻه جنّتون عطا فرمائي ڇڏيون آهن۔

(تاریخِ ابنِ عساکر،عمرو بن جامع بن عمرو بن محمد بن حرب،۴۵/۴۵۰،رقم:۵۳۲۰ ملتقطاً)

 

سُبۡحٰن اللّٰه عَزَّوَجَلَّ! توهان ڏٺوته ان نوجوان پنهنجي پُوري زِندگي گُناهن کان بچندي نيڪين ۾ گذاري ته مرڻ کان پوءِ هي عبادت، ان جي بخشش ۽ مَغفرت جو سبب بڻي ۽ جنَّت جون اَعليٰ نعمتون به نصيب ٿيون۔ ياد رکو! هي حُسن ۽ جواني دولتِ فاني آهي ۽ ان تي غُرور ۽ تَڪبُّر حماقت ۽ ناداني آهي ۔

ڈَھل جائے گی یہ جوانی جس پہ تجھ کو ناز ہے

 

تُو بجالے چاہے جتنا چار دن کا ساز ہے