Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

لشڪر مدينهء طِيبَه (زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا) ۾ اهو طُوفان برپا ڪيو جو اللہ جي پناھ!، قتل، غارت ۽ طرح طرح جا ظلمَ، رسولُ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَصَحْبِہٖ وَ بَارَک وَسَلَّم جي ساٿين تي ڪيا۔ اتي جي رهڻ وارن جا گھر لُٽي ورتا، ست سو (700) صحابه عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان کي شہيد ڪيو ۽ ٻين عام شهرين کي مِلائي ڪري ڏھ ہزار (10,000) کان وڌيڪ شہيد ڪيا، نوجوانن کي قيد ڪري ورتو، اهڙيون اهڙيون بد تميزيون ڪيون، جن جو ذڪر ڪرڻ ناگوار آهي۔ مسجدِ نَبَوِي شريف (عَـلٰي صاحِبِھَاالـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام) جي ٿنڀَ ۾ گھوڙا ٻَڌيا، ٽن ڏينهن تائين مسجد شريف ۾ ماڻهو نماز کان مُشَرَّف نه ٿي سگھيا۔ صرف حضرت سَعِيد بن مُسَيب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مجنون بڻجي ڪري اُتي حاضر رهيا۔ حضرت سَيدُنا عبدُ اللہ بن حَنظَلَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا جن فرمايو ته يزيدين جون بُريون حرڪتون ان حد تائين پہچي ويون جو اسان کي خوف ٿيڻ لڳو ته ڪٿي اِن بدڪارين جي سبب آسمان کان پٿر نه وسن۔ (الصواعق المحرقہ ،الباب الحادی عشر،الخاتمہ فی بیان اعتقاد اہل السنۃ، ص۲۲۱ملخصاً) پوءِ هي شرير لشڪر، مَڪهء مُڪرَّمَه جي طرف روانو ٿيو، رستي ۾ امِيرِ لشڪر مري ويو ۽ ٻيو شخص ان جي قائم مقام ڪيو ويو۔ مَڪهء مُعَظَّمَه (زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا) پہچي ڪري اُن بي دِينن مِنجَنِيق ( يعني مِنجَنِيق پٿر اڇلائڻ جو اوزار( گليل) ہوندو آهي جنهن سان پٿر اڇلائي ڪري ماريو ويندو آهي ان جو نشانو وڏو زبردست ۽ پَري تائين مار ڪندو آهي)ان سان پٿرن جي بارش ڪئي۔ ان پٿرن جي وَسڪاري سان حَرَم شريف جو صحنِ مُبارَڪ پٿرن سان ڀرجي ويو۽ مسجدِ الحرام جا ٿنڀا ٽٽي پيا ۽ ڪعبهء مُقَدَّسه جي غِلاف شريف ۽ ڇت کي اُن بي دِينن ساڙي ڇڏيو۔ انهي ڇت ۾ ان دُنبي جا