Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

غَيب دان آقا، مڪي مدني مُصطَفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پنهنجي زمانهء نُور بار ۾ وقتًا فوقتًا صحابهء ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان کي يزيد پليد جي فتني کان آگاھ فرمائيندا رهيا۔ جيئن ته

حضرت سَيدُنا ابُودَردَاء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو ته مون نبي ڪريم
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو ته اَوَّلُ مَنْ یُّبَدِّلُ سُنَّتِیْ رَجُلٌ مِّنْ بَنِیْ اُمَیَّۃَ یُقَالُ لَہُ یَزِیْدُ يعني منهنجي سُنَّت کي پہريون بدلڻ وارو بَنواُمَيه جو هڪ شخص هوندو، جنهن جو نالو يزيد هوندو. (تاریخ مدینہ،یزید بن صخر…الخ، ۶۵/۲۵۰، رقم:۸۲۹۲) هڪ ٻي موقعي تي اِرشاد فرمايو: منهنجي اُمّت ۾ عَدل ۽ اِنصاف قائم رهندو، ايستائين جو پهريون ڀڃڪَڙي ڪندڙ، بنواُمَيه جو هڪ شخص هوندو، جنهن جونالو يزيد هوندو۔ ([1])

يزيد پليد جي فتنه انگيزين جي باري ۾ سرڪارِ نامدار،غَيبن تي خبردار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اِنهي پيشنگوين جي سبب مشہور صحابي رسول حضرت سَيدُنا اَبُو ہُرَيرہ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ پنهنجي وصال کان پهريان هي دُعا گھُرندا هئا: اَعُوْذُ بِاللہ مِنْ رَأْسِ السِّتِّیْنَ وَاِمَارَۃِ الصِّبْیَان”يعني اي اللہ عَزَّوَجَلَّ! آئون توکان پناھ ٿو گُھران، 60 ہجري جي آغاز ۽ ڇوڪرن جي حڪومت کان۔“ بس اوهان جي هي دُعا قبول ٿي ۽ 59 ہجري ۾ (بمقام مدينهء طَيِّبه ۾) سندن جو اِنتقال ٿيو (۽ ٺيڪ 60 ہجري ۾ يزيد پليد مَسنَدِ سَلطَنَت تي نمودار ٿيو۔)([2])

 



[1]…فردوس الاخبار،ذکرالفصول من ادوات الالف واللام،باب اللام الف،۲/۴۲۷،حدیث: ۷۷۰۹

[2]… عمدۃ القاری ،کتاب العلم ،باب حفظ العلم،۲/۲۶۱ ،رقم: ۱۲۰