Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

دعوت اسلامي جي زيرِ اهتمام جامعة المدينه جي سڀ کان پهرين شاخ 1995ع ۾ باب المدينه ڪراچي ۾ نيو ڪراچي جي علائقي گودهرا ڪالوني ۾ کولي وئي ۽ هن وقت پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن کان علاوه الحمد الله عَزَّوَجَلَّ دنيا جي مختلف ملڪن مثلًٰا هند، جنوبي آفريقا، انگلينڊ، نيپال ۽ بنگلاديش وغيره ۾ به جامعة المدينه للبنين ۽ جامعة المدينه للبنات قائم آهن. جنهن ۾ هزارين اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون علمِ دين حاصل ڪري نه صرف پاڻ فائدو حاصل ڪري رهيا آهن بلڪه ٻين کي به علم جي نور سان منور ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جامعة المدينه جي خصوصيت هي به آهي ته هنن جامعات المدينه ۾ طلبه کي نه صرف ديني تعليم سان آراسته ڪيو ويندو آهي بلڪه انهن جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت جي طرف ڀرپور توجه ڏني ويندي آهي. شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هنن طلباء سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي ارشاد فرمائن ٿا؛ مان دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه جي طلبه ڪرام سان گهڻي محبت ڪريان ٿو ۽ انهن جي صدقي سان پنهنجي لاءِ دعاءِ مغفرت ڪندو آهيان. الحمد الله عَزَّوَجَلَّ جامعة المدينه جا طلبه پنج وقت نماز کان علاوه ٻيا نوافل به پڙهندا آهن ۽ گهڻا طلبه ملي ڪري صلوٰة التوبه تهجد اشراق ۽ چاشت جي نمازن جو اهتمام به ڪندا آهن. تنهن ڪري اسان کي به گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي جامعة المدينه ۾ داخل ڪرائي انهن جي دنيا ۽ آخرت بهتر بڻايون.