Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

جي ڏينهن مون کي ان کان حيا ايندو ته مان ان جي لاءِ ميزان قائم ڪيان يا ان جو اعمال نامو کوليان. (ڪنز العمال، الجزء 2،3، ص 115، حديث 6558)

البته اگر صبر نه ڪيو يا بغير شرعي عذر جي ڪنهن تي اظهار ڪري ناشڪري جا لفظ ڳالهائڻ جي ناداني ڪئي ته ياد رکو؛ ثواب حاصل ٿيڻ ته ڇا الٽو خساري جو باعث ٿيندو، جئين ته مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ عبرت نشان آهي؛ مصيبت جي وقت رانن تي هٿ هڻڻ اجر کي برباد ڪري ڇڏيندو آهي. (فردوس الاخبار، ج 2، صفحه 42، حديث 3717)

حضرت سيدنا عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي؛ جنهن کي ڪا مصيبت پهچي پوءِ اهو ان جي سبب ڪپڙا ڦاڙي يا رخسار (ڳل) تي ٿڦڙون هڻي (يعني منهن مٿو پِٽي) يا گريبان ڦاڙي يا وار پَٽي ته ڄڻ ان پنهنجي رب عَزَّوَجَلَّ سان جنگ ڪرڻ لاءِ نيزو کڻي ورتو. (ڪتاب الڪبائر، ص 226)

الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي به اسيرانِ ۽ شهداءِ ڪربلا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم اَجْمَعِیْن جي صدقي مصيبتن تي صبر ڪرڻ ۽ اهڙن موقعن تي شڪوه شڪايت ڪرڻ کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي.

آمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللّٰهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليد مال، ملڪيت ۽ شهرت جي مَحَبَّت جي ئي ڪري ڪربلا جي ڀيانڪ واقعو ٿيو۔ ان ظالم بدانجام کي