Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

ڪڍي ۽ هٿڪڙين مان هٿ ڪڍي ڇڏيا. (المنتظم، سنة اربعه و تسعين، ص 530، علي بن الحسين، ج 2، ص 330)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيشڪ اسيرانِ ۽ شهيدانِ ڪربلا جو هي صبر قابلِ تحسين ۽ پيروي ڪرڻ جهڙو آهي. تنهن ڪري اسان کي به گهرجي ته جيڪڏهن اسان تي ڪائي اچانڪ مصيبت اچي، مثلًا قريبي رشتيدار وفات ڪري وڃي، يا ٻار بيمار ٿي وڃي، يا ڦُر ٿي وڃي، يا ڪوئي حادثو پيش اچي، پوليس گرفتار ڪري وٺي، يا مقدمو قائم ٿي وڃي، رقم يا گاڏي وغيره گم يا چوري ٿي وڃي، سردي ۽ گرمي يا لوڊ شيڊنگ ۽ مهانگائي شدت اختيار ڪري وڃي، نوڪري کان ڪڍيو وڃي الغرض مصيبتن جو هجوم ٿي وڃي ان وقت ڪربلا جي مظلومن جي مصائب و آلام کي ياد ڪري صبر و استقلال جو مظاهرو ڪندي صبر صبر ۽ صرف صبر کان ڪم وٺجي ته مصيبتن تي صبر ڪرڻ وارن کي الله تعالي عَزَّوَجَلَّ پنهنجي فضل و ڪرم سان بروز قيامت بيشمار انعام و اڪرام سان سرفراز فرمائيندو.

حسن اخلاق جي پيڪر، نبين جي تاجور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو؛ الله عَزَّوَجَلَّ فرمائي ٿو؛ جڏهن مان پنهنجي ڪنهن ٻانهي جي بدن يا ان جي اولاد يا ان جي مال جي طرف ڪائي مصيبت موڪليان، پوءِ اهو صبر و جميل سان ان جو استقبال ڪري، ته قيامت