Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

حضرت علامه ابن حجر هيتمي مڪي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ حضرت سيدنا صالح بن احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي والد حضرت سيدنا امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن کي عرض ڪيو؛ (بابا جان!) هڪ قوم اسان تي هي ڳالهه منسوب ڪري ٿي ته اسان يزيد جا حمايتي آهيون. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو؛ يَا بُنَيَّ وَهَل يَتَوَلّٰى يَزِيۡدَ اَحَدٌ يُؤمِنُ بِاللّٰهِ اي منهنجا پٽ! ڇا الله تعالي تي ايمان رکڻ وارو به يزيد پليد جو حمايتي ٿي سگهي ٿو؟

(الصواعق المحرمة، الباب الحادي، الخاتمہ في بيان اعتقاد اهل السنة، ص 222)

يزيد جو پٽ معاويه جيڪو نيڪ ۽ صالح هو، امام حسين جي قتل جي سبب پنهنجي پيءُ يزيد غدار ۽ مڪار کان سخت نفرت ڪندو هو، جئين ته (پنهنجي پيءُ يزيد جي باري ۾) چوڻ لڳو؛ منهنجي پيءُ کي حڪومت ڏني وئي، اهو نالائق هو، نواسئه رسول سان وڙهيو، ان جي عمر گهٽ ڪئي وئي ۽ ان جي نسل تباهه ڪئي وئي، اهو پنهنجي قبر ۾ گناهن جي سبب گروي رکيو ويو (يعني قيامت تائين عذاب ۾ مبتلا ٿي ويو) پوءِ روئيندي چوڻ لڳو؛ اسان تي سڀ کا وڌيڪ گران ان جي بري موت ۽ برو ٺڪاڻو آهي. ان بدبخت رسول الله عَزَّوَجَلَّ جي اولاد کي قتل ڪيو، شراب حلال ڪئي ۽ ڪعبي جي بي حرمتي ڪئي. (الصواعق المحرمة، الباب الحادي عشر، الخاتمہ في بيان اعتقاد اهل السنة، ص 224)

صدر الشريعه، بدر الطريقه حضرت علامه مولانا مفتي اجمد علي اعظمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا؛ يزيد پليد فاسق، فاجر ۽ ڪبيره