Book Name:Yazed ka Dard Naak Anjaam

رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عزّت و ناموس جا سچا محافظ هئا، يزيد پليد کان انهن کي سخت نفرت هئي نيز اهي نفوس قدسيه هن پليد کي امير المؤمنين چوڻ وارن بدبختن کي سخت سزا ڏيندا هئا.

دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي مطبوعه 590 صفحات تي مشتمل ڪتاب ”حضرت سيدنا عمر بن عبدالعزيز جي 125 حڪايات“ جا صفحي 392 تي آهي حضرت سيّدنا عمر بن عبدالعزيز قاتل حسين ”يزيد پليد“ کي خليفو تسليم نه ڪندا هئا، جيئن ته هڪ ڏينهن دوران گفتگو ڪنهن يزيد امير المؤمنين چيو ته (پاڻ سخت ناراض ٿيا ۽)ان کي فرمايائون؛ تون يزيد کي امير المؤنين چوين ٿو؟ پوءِ ان کي 20 ڪوڙا مارڻ جو حڪم ڏنو.

(تاريخ الخلفاء، يزيد بن معاويه ابو خالد الاموي، ص 209)

اعلي حضرت، امام اهلسنت مولانا شاهه احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰنْ جي بارگاهه ۾ جڏهن يزيد جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته يزيد کي پليد چوڻ شرعًا جائز آهي يا نه، پڻ ان جي نالي سان گڏ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چوڻ درست آهي يا نه؟ ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرماياؤن؛ يزيد بيشڪ پليد هو. ان کي پليد چوڻ ۽ لکڻ جائز آهي، ۽ ان کي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نه چئو مگر ناصبي (يعني پنهنجي سيني ۾ حضرت علي ۽ حسن ۽ حسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُم سان بغض ۽ ڪينو رکڻ وارو هو جو) اهل بيتِ رسالت جو دشمن آهي. وَ العِیاذُ بِا للّٰہِ تَعالیٰ (فتاويٰ رضويه، ج 14، ص 603، ملخصًا)