Share this link via
Personality Websites!
ته جيڪڏهن ڪو شخص بيت الله شريف جي هڪ ڪُنڊ ۽ مقامِ ابراهيم جي درميان بيهي نماز پڙهي، روزا رکي ۽ پوءِ اهلبيت جي دُشمني تي مري وڃي ته اهو جهنّم ۾ ويندو. (المستدرڪ، ج 4، ص 129، حديث 4766)
تابعي بزرگ حضرتِ سَيِّدُنا امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ جن ماڻهن حضرتِ سَيِّدُنا امام حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي قتل ڪيو آهي، جيڪڏهن اُهي الله تعاليٰ جي فضل و ڪرم سان بخشيا به وڃن ته اهي رسولِ ڪريم صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيئن منهن ڏيکاريندا. خُدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! جيڪڏهن حضرتِ سَيِّدُنا امام حُسين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي قتل ۾ منهنجو دخل هجي ها ۽ مون کي جنّت ۽ دوزخ جو اختيار ڏنو وڃي ها ته مان دوزخ اختيار ڪيان ها، ان خوف جي سبب ته جنّت ۾ رسولِ ڪريم صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سامهون ڪيئن ويندس.
(تنبيه المغترين، الباب اول الحسن البصري و قتلة الحسين، ص 54)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يزيد پليد تي جيئن ته پنهنجي حُڪومت ۽ سلطنت بچائڻ جو ڀُوت سوار هو، تنهنڪري ان بد بخت اقتدار جي نشي ۾ بد مست ٿي ڪري گُلشنِ فاطمه کي ايتري قدر بيدردي سان پامال ڪيو جو ٻُڌي ڪري لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي، دل رنجيده ٿي وڃي ٿي ۽ اکين مان بي ساخته لُڙڪ جاري ٿي وڃن ٿا. بهرحال يزيدين جي انجامِ بد مان هي به خبر پئي ته الله وارن سان دُشمني دُنيا ۽ آخرت ۾ خساري جو باعث آهي، ڇو ته ڪربلا جي واقعي ۾ جيترا شخص شهيد ٿيا، اُهي الله عَزَّوَجَلَّ جي مقرّب ترين اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami